ڊي آءِ خان(م ڊ) پ پ جي ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ڊي آءِ خان جو عوام مولانا فضل الرحمان کي ٻيو ڀيرو شڪست ڏيڻ چاهي ٿو، هڪ بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان اين اي 44 تان چونڊ وڙهندو ته کيس ٻيو ڀيرو شڪست ملندي، مولانا فضل الرحمان شڪست کان بچڻ لاءِ چونڊن کان ڀڄي رهيو هو.پ پ ترجمان وڌيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان معيشت، سرديءَ ۽ امن امان جا بهانا ٺاهيا.