قومي عوامي تحريڪ طرفان سنڌ ۾ زمينن جي نيلامي خلاف مظاهرن ۽ ريلين جو اعلان

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس حيدرآباد ۾ پارٽي سربراھ اياز لطيف پليجو جي صدارت ۾ ٿيو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري.ظھر راھوجو، سينيئر نائب صدر روشن ڪنراڻي، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، اشرف پليجو، ڊاڪٽر گلزار جماڻي، سڪندر لاشاري الطاف خاصخيلي ،ڪرڙ ريٻاري، شوڪت سريوال، شوڪت تنيو، خان سومرو، زينت سمون، رفيعه پليجو، منان شيخ، مير کوسو، امداد پنهور سميت سمورن مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ضلعي صدرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۽ سنڌ جي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان ڀرپور اليڪشن وڙھڻ جو فيصلو ڪيو ويو، قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو پي ايس 60 قاسم آباد جي تڪ تي اليڪشن وڙهندو ۽  سنڌ جي مختلف تڪن تان قومي عوامي تحريڪ جا اڳواڻ اليڪشن وڙھندا، زمينن جي نيلامي، زرعي تباھي ۽ ڪوڙي آدمشماري خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران 5،6،7 جنوري کان سڄي سنڌ ۾ مظاھرن ۽ ريلين جو ڪڍڻ جو اعلان ڪيو، اياز لطيف پليجي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته دنيا ۾ اليڪشن ڪارڪردگي جي بنياد تي وڙھي ويندي آھي سنڌ ۾ ۽ پاڪستان ۾ عوام جي راءِ تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا، نتيجا تبديل ڪري عوام دشمن طاقتون اقتدار تي قابض ڪيون وڃن ٿيون، پيپلز پارٽي 15 سالن جي اقتداري دؤر ۾ ڪي به روزگار جا وسيلا پيدا نه ڪري سگھي آھي، زرعي تباھي جي ڪري سنڌ ۾ بک ۽ بدحالي آھي، پيپلز پارٽي ڪرپشن ۽ اقتدار جي حوس ۾ سنڌ جي وحدت کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو. لکين ايڪڙ زمين، ڪوھستان، ساحلي پٽي ۽ وسيلا نيلام ڪيا ويا، معمولي الزامن ۾ غريب ماڻھو جيلن ۾ زندگي وڃايو ڇڏين باقي حڪمران طبقو ڪرپشن ۽ دھشتگردي جي ڪيسن ۾ ملوث ھجڻ باوجود پڪڙ ۾ نٿو اچي،  وڏن ماڻھن لاءِ قانون ناھي، انصاف جي نظام سان ڪرپشن ختم ٿيندي، تعليمي معيار وڌندو، صحت جو نظام بھتر ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.