ڪراچي (م ڊ) ملڪ ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جون تياريون جاري آهن، سڄي ملڪ ۾ ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي ٽريننگ ٻيهر شروع ڪئي وئي آهي، سرڪاري ملازمن جي بدلين ۽ مقررين تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، ووٽرز لسٽن ۽ سامان جي فراهمي لاءِ اليڪشن ڪميشن جون ريجنل آفيسز کليل رهنديون، اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سڄي ملڪ ۾ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرز ۽ رٽرننگ آفيسرز جي ٽريننگ ٻيهر شروع ڪئي وئي آهي، اليڪشن ڪميشن موجب آر اوز جي تربيت 18 ۽ ڊي آر اوز جي تربيت 19 ڊسمبر تي مڪمل ٿي ويندي، مجموعي طور 859 آر اوز ۽ 144ڊي آر اوز کي ٽريننگ ڏني پئي وڃي، ووٽن جي داخلا، تبديلي ۽ درستگي تي پابندي لاڳو ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن جي آفيسرز، ملازمن ۽ رٽرننگ آفيسرز جي موڪلن تي به پابندي لڳائي وئي آهي.