عوامي راءِ جو احترام نه ٿيو ته بلوچ وفاق مان وڌيڪ مايوس ٿيندا:مالڪ بلوچ

ڪوئيٽا (پ ر) بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير نيشنل پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو آهي ته جيڪڏهن عام چونڊون ڪرايون ويون ۽ عوامي راءِ جو احترام نه ڪيو ويو ته بلوچستان جو عوام وفاق کان وڌيڪ نا اميد ٿيندو. اليڪٽيبلز جي نالي تي ٽرانسفر پوسٽنگ جو سلسلو بند ڪيو  وڃي،وڏين سياسي پارٽين کي چيو آهي ته بلوچستان جي سياست کي ايترو نه ڪيرايو وڃي جو هتان جي عوام جو پارليامينٽ تي اعتماد ختم ٿي وڃي.اها ڳالهه شهيد ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ جي فرزند چنگير حئي بلوچ ، وڏيرو نذير احمد کيتران، چيئرمين وفا مراد سومرو، شير احمد قمبراڻي، مهر بهار خان کيتران ۽ ٻين جي نيشنل پارٽي ۾ شموليت جي موقعي تي ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئي،هن چيو ته اڄ اليڪٽيبلز کي  ڪڏهن هتي ۽ ڪڏهن هُتي موڪليو وڃي ٿو، اليڪٽبيلز صرف عوام ئي هوندا آهن، جيڪي پنهنجا نمائندا چونڊيندا آهن.هن چيو ته سمورن ادارن ۽ اليڪشن ڪميشن کي اپيل آهي ته بلوچستان جي عوام جي راءِ جو احترام ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.