اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي گهرواري حبا فواد، ڏير فيصل چوڌري جي رويي تي عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿي جنهن دوران حبا فواد به اڊيالا جيل پهتي. جيل ٻاهران ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي حبا فواد چيو ته اڄ به اندر وڃڻ لاءِ گهڻو پنڌ ڪرڻو پيو، آءِ جي جيل کي به انهن مسئلن تي ڌيان ڏيڻو پوندو. حبا فواد فواد چوڌري جي ڀاءُ جي وڪيل فيصل چوڌري جي رويي تي شڪايت ڪندي چيو ته فواد جي موجودگي ۾ فيصل جو رويو ٺيڪ نه هو، هو کيس فيصل چوڌري جي رويي تي عدالت وٺي ويندي. هن چيو ته فواد چوڌري جي ٽڪيٽ تي ٻيو ڪير به اليڪشن نه وڙهندو، فواد چوڌري جيل مان اليڪشن وڙهندو ۽ مان پاڻ چونڊ مهم هلائيندس.