سرڪاري زمينون مقامي بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن: لال جروار 

حيدرآباد (پ ر) سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا بچايو ڪانفرنس جون تياريون مڪمل ٿي ويون، حيدرآباد پريس ڪلب جي هال ۾ عوامي تحريڪ طرفان ڪانفرنس ٿيندي، ڪانفرنس ۾ زمينن تي قبضن خلاف گڏيل مطالبن جو پڌرنامو منظور ڪيو ويندو، عسڪري ادارن طرفان قومن جي زمينن کي استعمال ڪرڻ، اسپيشل انوينسٽمينٽ ڪائونسل ذريعي زمينون وڪرو ڪرڻ ۽ بحريا ٽائون سميت ٻين غيرقانوني رهائشي اسڪيمن ذريعي مظلوم قومن جي زمينن تي ٿيندڙ قبضن کي ملڪي ۽ عالمي قانونن جي روشني ۾ رد ڪيو  ويندو، لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري ڪاشف ملاح، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ آصف کوسي ۽ هرچند لال بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضا عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن، انساني حقن جون تنظيمون هنن قبضن جو نوٽيس وٺن، سنڌ جي زمينن تي وفاقي ادارن جا قبضا گڏيل قومن جي قرارداد جي ڀڃڪڙي آهن، گڏيل قومن جي قراداد مطابق زمينون اصلوڪن رهاڪن جو حق آهن تنهنڪري وفاقي ادارن طرفان سنڌ جون زمينون استعمال ڪرڻ يا عرب سرمائيدارن کي وڪرو ڪرڻ گڏيل جي قراداد جي ڀڃڪڙي آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.