سنڌ اسان جي ماءُ آهي ان جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين: قادر مگسي

حيدر آباد (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر ترقي پسند ھائوس حيدرآباد تي سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي حيدرآباد  جي اڳواڻ محمد حسين مگسي جي چاليهي جي موقعي تي ڪوٺايل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي حاڪميت تي صرف سنڌين جو حق آهي، هن وقت سنڌ مٿان سڌي طرح غير سنڌين جي حاڪميت آهي پر هي نگران سرڪار آهي انڪري اسان خاموش آهيون پر چونڊيل اسيمبلي جي ذريعي اسان سنڌ جي وڏ وزارت تي ڪڏهن به غير سنڌي قبول نه ڪنداسين، سنڌ جي هن وقت 52 هزار ايڪڙ زمين جيڪا هن وقت زرعي منصوبن ۾ ڏني پئي وڃي اهو معاهدو پ پ پ ۽ پي ڊي ايم حڪومت ڪيو هو، سنڌ جي ترقي جا اسان خواهشمند آهيون پر اهڙي ترقي اسان کي نٿي گهرجي جيڪا اسان کان اسان جي ڌرتي کسي، سنڌ جي زمين تي سنڌين مالڪي، سنڌ مان بيروزگاري جي خاتمي سميت مستقبل ضمانت ڏيڻ سان مشروط ڪئي وڃي، سنڌ اسان جي ماءُ آهي ان جي انچ انچ جي اسان حفاظت ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.