ڏوهاري هٿيار ڦٽا ڪن، ڪچي ۽ پڪي ۾ سخت آپريشن ٿيندو: آءِ جي سنڌ

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: پريم راٺوڙ) آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا ضلعي گهوٽڪي جو دورو ڪيو، آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا ايس ايس پي آفيس پهچڻ تي پوليس پاران کيس سلامي ڏني وئي، ايس ايس پي گهوٽڪي محمد انور کٽياڻ، آءِ جي سنڌ کي گهوٽڪي ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ ڊي آءِ جي سکر عبدالحميد کوسو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب، ايس ايس پي گهوٽڪي محمد انور کٽياڻ، ايس ايس پي سکر عرفان سمون، ايس ايس پي ڪشمور روحل کوسو، ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر عمران خان شرڪت ڪئي، آءِ جي سنڌ رفعت مختار  چيو ته چورين ۽ اغوا ۾ ملوث ڏوهارين کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو، ڪچي ۽ پڪي جي علائقن ۾ ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ڏوهارين وٽ جيڪو به هٿيار هوندو اهو ڏوهارين خلاف استعمال ڪنداسين ۽ آپريشن ۾ پوليس سان گڏ رينجرز به شرڪت ڪندي، ڏوهارين جو رستو روڪڻ لاءِ پنجاب پوليس کان به مدد ورتي ويندي، ڏوهارين جي سهولتڪارن ۽ مددگارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، هڪ ڀيرو ٻيهر ڏوهن کي چوان ٿو ته هٿيار ڦٽا ڪري قانون جي گرفت ۾ اچن، پنهنجي ٻارن تي رحم ڪريو، کين قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.