ڀان سيدآباد (رپورٽ: آدم مينگل ) ڀان سيدآباد ۾ زرعي ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ خلاف آبادگار ۽ ايس يو پي ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا، احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب ڀان اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، بليڪ تي وڪرو ڪندڙ دڪاندارن ۽ ضلعي انتظاميا خلاف نعرا هنيا ويا، ايس يو پي اڳواڻ علي نواز رند، ضلعي جنرل سيڪريٽري علي اصغر سولنگي، علي رضا چنا، اصغر شاهاڻي، مريد بروهي ۽ ٻين چيو ته ڀان سيدآباد ۾ زرعي ڀاڻ بليڪ تي وڪرو پيو ٿئي، ضلعي انتظاميه اگهور ننڊ ستل آهي، ضلعي جو ڊي سي ڪوٽڙي تائين محدود آهي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ به پنهنجي بنگلي تائين محدود آهي، ڀان سيدآباد جا بااثر واپاري غريب هارين ۽ آبادگارن کي ٻنهي هٿن سان لٽين پيا، زرعي ڀاڻ يوريا ۽ ڊي اي پي واپارين اسٽاڪ ڪري ڇڏيو آهي جيڪي بليڪ تي وڪرو پيا ڪن، واپارين زرعي ڀاڻ اسٽاڪ ڪري رکيو آهي ، هنن چيو ته پ پ سان لاڳاپيل وڏا ڊيلر هٿ وٺي يوريا ڀان گم ڪري هٿرادو کوٽ پيدا ڪري بليڪ تي 5700 روپين ۾ يوريا ۽ 15500 ۾ ڊي اي پي وڪرو ڪري رهيا آهن، پر ضلعي انتظاميه ڪارروائي نه ٿي ڪري، وڏي ناانصافي ڪئي پئي وڃي.