اسلام آباد(م ڊ)صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو آهي ته 162دوائن جي قيمتن ۾ اضافو نه پيو ڪيو وڃي، ڊرگ پاليسي کي عوام دوست بڻائڻ لاءِ نظرثاني ضروري آهي، وفاقي ڪابينا ميڊيڪل ڪاليجز رجسٽريشن لاءِ وزٽ جو اختيار پي ايم ڊي سي کي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هو اربع ڏينهن وفاقي وزيرن سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. هن چيو ته اي سي سي جو فيصلو هو ته 262 دوائن جي هارڊ شپ جي زمري ۾ پرائسنگ ڪئي وڃي، ان حوالي سان تمام گهڻو دٻاءُ هو پر دوائن جون قيمتون اڃان نه وڌي رهيون آهن،