ڪجهه سياستدانن کي خطرو آهي، افغاني دهشتگردي ۾ ملوث آهن: سنڌ سرڪار

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز ۽ نگران اطلاعات واري وزير محمد احمد شاهه  چيو آهي ته چونڊن لاءِ تياري مڪمل آهي، ڪجهه سياستدانن کي ٿريٽ آهن، غيرقانوني پرڏيهين  جي نيڪالي سان 50 سيڪڙو بدامني جو پاڻمرادو خاتمو اچي ويندو، پاڪستان مان  دهشتگردي ۽ ڏوهن جو خاتمو ڪرڻو آهي، اهڙو اظهار هنن ڪالهه  سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس  ڪندي ڪيو، سڌ سماءَ واري وزير  احمد شاهه چيو ته نگران وڏي وزير جي هدايتن تي سنڌ جا نگران وزير پنهنجن کاتن جي ڪارڪردگيءَ ميڊيا جي ذريعي عوام تائين پهچائي آگاهي فراهم ڪن. ان موقعي تي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو ته اسان جي  پهرين ترجيح ڪراچي مان اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي ۽ تعليمي ادارن ۾ منشيات جي روڪٿام تي آهي. صوبي جي داخلي ۽ خارجي رستن تي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. غير قانوني پرڏيهين جي حوالي سان هن چيو ته غير قانوني پرڏيهين وٽ قانوني ڪاغذ آهن انهن کي ڪا به تڪليف نه ٿيندي. هن چيو ته سنڌ مان هن وقت تائين 41 هزار غيرقانوني پرڏيهي پنهنجي ملڪ ويا آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته جيڪي به وڃي رهيا آهن انهن کي پوري عزت ۽ احترام سان موڪليو وڃي هن چيو ته سنڌ ۾ هن وقت 47 هزار افغان نيشنل ڪارڊ هولڊر آهن، غير قانوني پرڏيهين وٽان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن. برگيڊيئر حارث نواز چيو ته پاڪستان گذريل ڪيترن سالن ۾ 30 کان 40 لک افغانين جي ڪيترائي سال مهمان نوازي ڪئي آهي غير قانوني پرڏيهين جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن  ۽ ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته مڇر ڪالوني واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بيروزگاري به ڏوهن جي شرح ۾ واڌ جو هڪ سبب آهي، ڊالر جي اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ به تمام سخت قدم کنيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.