راولپنڊي ( م ڊ ) ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي سندن اباڻي علائقن ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيدن جي جنازي نماز ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن، جوانن، وارثن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شهيدن جون قربانيون دهشتگردي خلاف جاري جنگ ۾ پاڪ فوج جو عزم ۽ حوصلو مضبوط ڪن ٿيون، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن خلاف جاري جنگ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندي.