ڪراچي ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو، واپاري ۽ نوجوان اغوا

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران واپاري ۽ نوجوان اغوا ٿي ويا. واپاري محمد حارث الرحمان ڊرائيور اصغر خان سان  وڃي رهيو هو ته بقائي ڪيڊٽ ڪاليج روڊ وٽ سندس ڪار روڪي 4 هٿياربند کين اغوا ڪيو، هٿياربندن سي ٽي ڊي سان وابستگي ظاهر ڪندي واپاري ۽ سندس ڊرائيور کي گاڏي مان هيٺ لاٿو. واپاري جي ڀاءُ هادي الرحمان جي فرياد تي گڏاپ ٽائون ٿاڻي ۾ واپاري جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو. ٻئي پاسي احسن آباد جي علائقي مينار روڊ وٽان 19 ورهين جي نوجوان مجتبيٰ علي کي ڪار سميت اغوا ڪيو ويو، واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ايف آءِ آر موجب اغوا ٿيل نوجوان مجتبيٰ علي آن لائين ويب سائيٽ تي پلاٽ وڪڻڻ جو اشتهار ڏنو، ڪامران پاشا نالي مبينا اغوا ڪندڙ پلاٽ خريد ڪرڻ لاءِ مجتبيٰ سان رابطو ڪيو، ڪامران پاشا ۽ سندس ساٿي نارٿ ناظم جي نوجوان جي گهر آيا ۽ پلاٽ جي ڊيل جو اسٽام پيپر نه ملڻ تي واپس هليا ويا. ڪامران پاشا فون ڪري مجتبيٰ کي چيو ته توهان گلشن معمار اچو ايگريمينٽ موجود آهي مجتبيٰ علي، سندس ماءُ، دوست اساما، مبينا اغوا ڪار ڪامران پاشا ۽ سندس ساٿي ڪار ۾ سوار هئا، احسن آباد وٽ جوابدارن کين يرغمال بڻائي سندس ماءُ ۽ دوست کي ڪار مان لاٿو. مجتبيٰ علي کي ساڻ وٺي ​​ويا. ڪامران پاشا پاڻ کي حساس اداري جو ملازم سڏاريو ، هٿياربند اغوا ڪندڙ نوجوان جي ڪار، پلاٽ جي اصل فائل، 4 موبائيل فون، روڪ رقم ۽ قيمتي سامان کڻي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.