ڪراچي ۾ برقعي پوش هٿياربندن هٿان اڳوڻو پوليس عملدار قتل

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي لانڍي اينٽي نائن محمد نگر ويجهو برقعي پوش جوابدارن اڳوڻي اي ايس آءِ آصف کي گهر ٻاهران  گهرائي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مارجي ويل آصف جي برطرف ٿيل ملازم هو. اختيارين جو چوڻ آهي ته آصف جي ڌيءَ عدالتي شادي ڪئي هئي، جنهن سبب تڪرار هلندڙ هو، جڏهن ته مقتول آصف شرافي ڳوٺ ٿاڻي تي قتل ڪيس ۾ نامزد آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو شروعاتي طور تي خانداني تڪرار جو لڳي ٿو پر وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. اختيارين موجب شروعاتي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته مقتول کي گهر کان ٻاهر سڏايو ويو هو، جڏهن مقتول اهلڪار گهر کان ٻاهر نڪتو ته برقعي پوش هٿياربندن فائرنگ  ڪري کيس قتل ڪيو ۽ فرار ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.