ڪراچي جي واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي تياري

اسلام آباد ( م ڊ ) ڪراچي جي واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ لاءِ تياريون ٿي ويون. پاور ڊويزن نيپرا کي بجلي جي قيمت ۾ 1  رپيا 71 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. نيپرا موجب اها درخواست گذريل مالي سال جي ٻئي ۽ ٽئين ٽي ماهي جي ايڊجسٽمينٽ لاءِ ڪئي وئي هئي. نيپرا جو چوڻ آهي ته گذريل مالي سال جي ٻئي ٽي ماهي ۾ بجلي جي قيمت ۾ 47 پئسا في يونٽ ۽ ٽئين ٽي ماهي جي ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي جي قيمت ۾ 1 رپيا 25 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست جمع ڪرائي وئي آهي. نيپرا جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت جي درخواست تي 20 ڊسمبر تي ٻڌڻي ٿيندي، ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست ملڪ ۾ يونيفارم ٽيرف پاليسي تحت داخل ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.