ڄامشوري ۾ مهراڻ ورسٽي جي نئين ٽرم بيڪ پاليسي خلاف شاگردن جو مارچ، ڌرڻو

ڄامشورو (رپورٽ: صدر الدين جوڻيجو ) مهراڻ يونيورسٽي انتظاميا پاران نئين ٽرم بيڪ پاليسي لاڳو ڪرڻ خلاف شاگردن احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻو هنيو آهي، مهراڻ اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪاميٽي پاران فهد ٻگهيو، راحيل شورو، مير بگٽي ۽ نديم نوناري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ايڊمن بلڊنگ سامهون 10 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو, صبح 10وڳي کان رات 8 وڳي تائين ھنيل ڌرڻي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين مهراڻ يونيورسٽي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي نئين لاڳو ڪيل ٽرم بيڪ پاليسي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، شاگردن جي احتجاج سبب انتظاميا وڏي تعداد ۾ رينجرز ۽ پوليس نفري طلب ڪري ورتي، ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن جو چوڻ هو ته مهراڻ يونيورسٽي انتظاميا پاران لاڳو ڪيل ٽو ون ٽرم بيڪ پاليسي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، انتظاميا اهڙو شاگرد دشمن فيصلو واپس نه ورتو ته يونيورسٽي کان ٻاهر انڊس هاءِ وي تي احتجاج ڪري ڌرڻا هنيا ويندا، جڏهن ته ڌرڻي کي 10 ڪلاڪ گذرڻ بعد ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئرس ڊاڪٽر تنوير ڦلپوٽو ۽ مختلف شعبن جي استادن ڌرڻي واري ھنڌ پھچي شاگرد کي ٽرم بيڪ وارو مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد شاگردن پاران اھو چتاءُ ڏيندي ڌرڻو ختم ڪيو ويو ته سڀاڻي صبح جو 11 وڳي تائين مسئلو حل نه ڪيو ويو ته وري ٻيھر ڌرڻو ھڻنداسين.

  • شاگردن کي تعليمي پاليسي موجب هلڻو پوندو: مهراڻ ورسٽي ترجمان

ڄامشورو( پ ر) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي  انتظاميا پڌرائي جاري ڪندي چيو آهي ته مهراڻ يونيورسٽي پنهنجي امتحاني ۽ تدريسي نظام متعلق جوڙيل پاليسين ۽ قانونن تي سختي سان عمل در آمد ڪري ٿي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل پاران مهراڻ يونيورسٽي کي اهڙين پاليسين جي ڪري ئي سٺي رينڪنگ تي رکيو ويو آهي، مهراڻ يونيورسٽي جي تعليمي پاليسي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي هدايتن موجب آهي. اهڙا شاگرد ۽ شاگردياڻيون جن جي ڪلاس ۾ 75 سيڪڙو حاضري نه هوندي ۽ سيمسٽر ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻن تائين جي پي اي (گريڊ پوائنٽ ايوريج) مارڪون نه هونديون ته انهن کي تعليمي پاليسي موجب هلڻو پوندو، پڌرائي موجب اهڙا شاگرد ۽ شاگردياڻيون جن جي ڪلاسن جي حاضري گهٽ آهي ۽ امتحانن ۾ گهٽ ۾ گهٽ مقرر مارڪون نٿا کڻي سگهن انهن کي محنت ڪري ڪلاسن ۾ پنهنجي حاضري يقيني بڻائڻ گهرجي ۽ سٺين مارڪن سان امتحان پاس ڪرڻ گهرجي، مهراڻ يونيورسٽي پنهنجي تعليمي معيار ۽ مثبت ساک تي ڪنهن به صورت ۾ ڪو سمجهوتو نه ڪندي.

  • مهراڻ ورسٽي کي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻ گهرجي: ثمر حيدر جتوئي

حيدرآباد (پ ر) سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو آهي ته ٿر ۾ ڇاڇري ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ چوپائي مال جي بيماري سبب ڪيترائي جانور مري ويا آهن. مسڪين ڳوٺاڻن جي گذر سفر جو ذريعو مال متاع هوندو آهي. لائيو اسٽاڪ ضلعي توڙي تعلقي جي ڊاڪٽرن کي ڳوٺاڻن جي شڪايتن  جي باوجود به ڪو تحرڪ نه ورتو آهي. سردين جي موسم شروع ٿيڻ سان ٻڪرين ۾ وبا وڌي ويئي آهي. روزاني جي بنياد تي سون جي تعداد ۾ چوپايو مال مري رهيو آهي. سنڌ هاري ڪاميٽي موجوده سرڪار ۽ وس وارن ادارن ۽ لائيو اسٽاڪ کان مطالبو ٿي ڪري ته ان معاملي جو تڪڙو نوٽيس وٺندي وٽنري ٽيمون موڪلي علاج جو جوڳو بندوبست ڪيو وڃي. ٻئي طرف سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو آهي ته  مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو پاليسي ۾ تبديلي جي نالي تي اوچتو 200 شاگردن کي ٽرم بيڪ ۽ 30 شاگرد کي يونيورسٽي منجهان نيڪالي واري فيصلي جي سخت  لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، بھتري جي نالي تي اھڙيون شاگرد دشمن پاليسيون ڪڏھن به تعليمي ادارن جي ماحول کي بھتر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت نه ٿينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.