ڪنڊيارو ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، پٽ کي بچائيندي امڙ قتل، لاش رکي ڌرڻو

ڪنڊيارو (رپورٽ: محمد سومر گهانگهرو) ڪنڊيارو ڀرسان فائرنگ ۾ پيرسن عورت قتل، قتل ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف وارثن جو ٿاڻي ٻاهران ڌرڻو، پنجن ڄڻن تي ڪيس داخل،ڳوٺ مهرو ميتلو ۾  فائرنگ ۾ سٺ  سالن جي پيرسن عورت راڻي ميتلو قتل ٿي وئي، مقتولا عورت جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ ڪنڊيارو اسپتال آندو ويو، ڪنڊيارو پوليس پاران مقتول عورت جو قتل ڪيس داخل نه ڪرڻ تي مقتول عورت جو لاش ٿاڻي ٻاهران آندو ويو جتي الھوسايو ميتلو غلام عباس ۽ سرور ميتلو جي اڳواڻي ۾ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي بعد ڪنڊيارو پوليس مقتول عورت جي پٽ الله وسايو ميتلو جي فرياد تي رند برادري جي پنجن ڄڻن تي قتل ڪيس داخل ڪري ورتو، فريادي پنهنجي فرياد ۾ ڄاڻايو آھي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ٻن ڌيئرن کي اغوا ڪيو ويو آھي جنهن جي ڪورٽ سڳوري ۾ درخواست ڏنل آھي، جوابدار ڌر درخواست تان هٿ نه کڻڻ تان ڪاوڙجي گهر ۾ داخل ٿي سڌي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ مون کي بچائيندي امڙ جوابدارن جي گولين جو نشانو بڻجي وئي، انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.