آر جي شاپنگ مال باهه واقعو، 8 جوابدار عدالتي رمانڊ تي جيل حوالي

ڪراچي (رپورٽر)جڊيشل  مئجسٽريٽ اوڀرجي عدالت ۾ آرجي شاپنگ مال ۾ باهه لڳڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، پوليس گرفتار 8 جوابدارن جو رمانڊ پورو ٿيڻ کانپوءِ پيش ڪيو، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته وڌيڪ رمانڊ نه گهرجي جوابدارن ۾ حسان ڊوني، ياور، حاشر، عابد شاهه، فيضان، سلطان، عدنان ۽ عمران شامل آهن، عدالت جوابدارن کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

  • طورخم رستي جديد آمريڪي هٿيار اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

پشاور(م ڊ) افغانستان مان طورخم رستي جديد آمريڪي هٿيار اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بنائي وئي. ڪسٽم ۽  سيڪيورٽي فورسز افغانستان مان ايندڙ گاڏي ۾ بصر سان ڀريل ٻورين مان جديد آمريڪي هٿيار هٿ ڪري ورتا جڏهن ته افغان ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن کان جاچ دوران اهم انڪشاف متوقع آهن. هٿ ڪيل هٿيارن ۾ جديد آمريڪي ايم فور، ڪلاشنڪوف، ميگزين، هزارين گوليون، آمريڪي رائفل گرنيڊ، نائيٽ ويزن سائيٽس ۽ ليزر بيم شامل آهن.

  • چونڊن ۾ دير جي بيانن جو حڪومت سان ڪو به تعلق ناهي: فواد حسن فواد

اسلام آباد (م ڊ) نجڪاري واري نگران وفاقي وزير فواد حسين فواد چيو آهي ته چونڊن جي ملتوي ٿيڻ جون قياس آرائيون درست  ناهن، ڪو به اهڙو ابهام ناهي ته چونڊون 8 فيبروري تي نه ٿينديون. اها ڳالهه هن وائيس آف آمريڪا کي هڪ انٽرويو ڏيندي ڪئي. نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊن ۾ دير جي بيانن جو نگران حڪومت سان ڪو به تعلق ناهي، هن چيو ته نگران حڪومت غير جانبداري سان پنهنجا معاملا انجام ڏئي رهي آهي. فواد حسن فواد چيو ته هو ڪنهن به سياسي ايجنڊا جو حصو ناهي، ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ جو مقصد نجڪاري ذريعي معيشت جي بار کي گهٽ ڪرڻ آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته پوري ڪوشش آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان پنهنجي خدشن لاءِ سپريم ڪورٽ يا اليڪشن ڪميشن ۾ وڃي سگهي ٿو، لاڏلي ۽ ليول پلينگ فيلڊ جا بيان سياسي بيان آهن.

  • افغان حڪومت ڊي آءِ خان حملي جي جاچ ڪرائيندي : ذبيح الله مجاهد

ڪابل (م ڊ ) افغانستان جي عبوري حڪومت ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگرد حملي جي جاچ ڪرڻ جو عزم ورجايو آهي، افغان  حڪومت چيو آهي ته ڪابل کي هر واقعي جو ذميوار قرار نه ڏيڻ گهرجي. ڊي آءِ خان ۾ حملي کانپوءِ پرڏيهي آفيس هڪ بيان جاري ڪندي افغان حڪومت کان مطالبو ڪيو هو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هٿي وٺرندڙ دهشتگرد تنظيمن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي افغان حڪومت جي عبوري چيف ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو ته ڪابل حملي جي جاچ ڪندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ حملي تي حيران آهيون، پاڪستان جي مطالبن تي غور ڪنداسين. ذبيح الله مجاهد چيو ته افغانستان تي هر صورت ۾ الزام نه هڻڻ گهرجن ۽ پاڪستان کي پنهنجي سيڪيورٽي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. طالبان حڪومت جي ترجمان جو چوڻ هو ته جنهن علائقو (ڊي آءِ خان) تي حملو ٿيو آهي، اهو علائقو افغانستان کان سوين ڪلوميٽر پري آهي ۽ اهو پاڪستان جو پنهنجو علائقو آهي، پاڪستان وٽ مضبوط سيڪيورٽي فورسز آهن ۽ ان حملي کي ناڪام بڻائڻ گهرجي ها.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.