دهشتگردي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کنيو آهي،شهيدن جي خون جو سودو ڪنهن ڪيو؟بلاول

پشاور(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ جي درپيش چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي پنهنجا سياسي اختلاف وِساري گڏجي ڪم ڪرڻ پوندو، جيڪڏهن اسان پاڻ ۾ وڙهندا رهياسين ته دهشتگرد ان مان فائدو کڻندا رهندا. پاڪستان ۾ دهشتگردي هڪ ڀيرو ٻيهر مُنهن ڪڍيو آهي، اسان کي دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪرڻو پوندو. ڪابه پارٽي اڪيلي سر مقابلو نٿي ڪري سگهي، گذريل ڏينهن ڊي آءِ خان ۾ ٿيل ڌماڪي جي مذمت ڪريان ٿو. پشاور هاءِ ڪورٽ بار ۾ وڪلا ڪنوينشن ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته دنيا تسليم ڪري رهي هئي ته پاڪستان دهشتگردي تي ضابطو آڻي ورتو آهي، پر پوءِ پارليامينٽ کي ٻُڌائڻ بنا سنگين دهشتگرديءَ ۾ ملوث ماڻهن کي جيل مان ڪڍيو ويو ۽ جڏهن افغانستان ۾ حڪومت تبديل ٿي ته پوءِ انهن ماڻهن کي بنا رنڊڪ جي اچڻ ڏنو ويو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گذريل ڏينهن واقعو ان جو هڪ مثال آهي. نفرت جي ورهاست ۽ انا جي سياست کي دفن ڪيو وڃي هن چيو ته اسان سنڌ ۾ بينظير مزدور انڪم سپورٽ ڪارڊ متعارف ڪرايو. سنڌ ۾ 30 لک گهر ٺاهي رهيا آهيون، اهي گهر غريبن لاءِ هوندا. پاڪستان ۾ 30 لک خاندانن کي گهر تعمير ڪري ڏينداسين. هوڏانهن  بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عورتن کي بااختيار بنائڻ پ پ جي اولين ترجيح آهي، اقتدار ۾ اچي ملڪ جي غريبن، عورتن ۽ مستحق ماڻهن لاءِ 30 لک گهر تعمير ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستاني عورتن لاءِ آن لائن ڪلاس شروع ڪرڻ لاءِ بهترين ملڪي ۽ـ عالمي يونيورسٽين سان رابطو ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.