اسلام آباد(م ڊ) سائفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود تي فرد جرم لڳايو ويو آهي، فرد جرم ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان وزيراعظم ۽ شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزير طور سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي. عمران خان جج کي مخاطب ٿيندي چيو ته اهو به لکو ته مون ملڪي ۽ غير ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي وائکو ڪري ظلم ڪيو. آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ڏوهه ۾ ملوث هئڻ کان انڪار ڪيو. فرد جرم لاڳو ٿيڻ بعد سڀاڻي کان پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي خلاف اڊيالا جيل ۾ ٽرائل شروع ٿي ويندو. چارج شيٽ ۾ چيو ويو ته عمران خان وزيراعظم ۽ شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزير طور سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي. چارج شيٽ ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته جوابدارن 27 مارچ 2022ع تي هڪ عوامي ريلي ۾ ڳجهي دستاويز کي وائکو ڪيو ۽ ان جي مواد تي بحث ڪيو، جيڪو آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت ڏوهه آهي، ڇاڪاڻ ته وزيراعظم عمران خان وٽ سيفر هجڻ جو ڪو به آپشن نه هو. جوابدار ڄاڻي واڻي ذاتي مفادن لاءِ لفظ استعمال ڪيو، جوابدارن جي غيرقانوني عمل سان ملڪي تشخص، سلامتي ۽ پرڏيهي معاملن کي نقصان پهتو. عمران خان چيو ته جج صاحب اهو به لکو ته مون ملڪي ۽ غير ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي وائکو ڪري ظلم ڪيو. هن چيو ته وڏو ظلم ڪيو جو جنرل باجوا ۽ ڊونلڊ لو کي بي نقاب ڪيو، ٻنهي کي بچائڻ لاءِ سمورو ڊرامو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته موت کان نه ٿو ڊڄان پر سائيفر حڪومت ڪيرائڻ لاءِ لکيو ويو ۽ حڪومت وئي هلي. عدالت عمران خان کي بار بار ڳالهائڻ تي خاموش ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم قانون تحت دستاويز ۽ وڊيوز ڏسڻ لاءِ 7 ڏينهن جي مهلت جي استدعا ڪئي.