ڪمال چانگ ۽ ڄامشوري جي سياسي شخصيت پاران نواز ليگ ۾ شموليت جو امڪان

لاهور (خاص رپورٽ)  ملڪ ۾ عام چونڊن جو اعلان ٿيندي ئي سياسي ماحول گرم ٿي ويو  آهي ۽ سياسي وفاداريون به تبديل ٿي رهيون آهن، پ پ جي ڪاوڙيل ميمبرن لاءِ  ن  ليگ پنهنجي ڇَٽي کولڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ذريعن موجب نواز شريف جي ڏيهه واپسي کانپوءِ سياسي اڳواڻن جي ن ليگ ۾ شموليت  ۾ پڻ تيزي آڻڻ بعد مسلم ليگ ن  سنڌ ۾ پنهنجا پير ڄمائڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي فالٽ لائن تي حملا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا، جنهن ۾ کين ڪاميابي به ملي رهي آهي. ان کان اڳ جو پي ٽي آءِ يا ڪا ٻي جماعت فائدو کڻي، پ پ جي ڪاوڙيل ميمبرن لاءِ (ن) ليگ پنهنجي ڇَٽي کولي ڇڏي آهي، هڪ ٻئي پويان مضبوط ۽ سياسي قدآور شخصيتون (ن) ليگ ۾ شموليت اختيار ڪري رهيون آهن. ڪالهه بدين جي طاقتور سياسي شخصيت سردار ڪمال خان چانگ ن ليگ اڳواڻن سان ملاقات ڪري ن ليگ ۾ شموليت جو اشارو ڏنو آهي ذريعن مطابق  ڄامشوري ضلعي سان واسطو رکندڙ پ پ جي انتهائي طاقتور سياسي شخصيت به جلد لاهور رواني ٿيندي جتي نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ ن ليگ ۾ شموليت جو امڪان آهي. هوڏانهن پ پ سان تعلق رکندڙ نواب شاهه مان پارلياماني سياست ڪندڙ  پڻ  ن  ليگ ڏانهن وڃڻ جي تيارين ۾ آهن. .

  • ارباب رحيم ۽ راحيلا مگسي جي ڊي اي ۾ شامل، سنڌ کي ڪرپٽ مافيا مان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين: پير پاڳارو

ڪراچي( رپورٽر)حرن جي روحاني پيشوا گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي سربراھ پير  پاڳاري سنڌ جي سمورن  قومي ۽ صوبائي تڪن تي اميدوار بيهارڻ جو فيصلو  ڪندي چيو آهي ته عوام جي ڊي اي جا هٿ مضبوط ڪري صوبي ۾ خوشحالي آندي ويندي. ڪالهه جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري جي صدارت ۾ راجا ھائوس ۾ جي ڊي اي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو،اجلاس ۾ اھم فيصلا پڻ ڪيا ويا،اجلاس ۾ سيد صدرالدين شاھ راشدي ،ڊاڪٽر صفدر عباسي ،ڊاڪٽر فھميدہ مرزا،غلام مرتضيٰ جتوئي،لياقت جتوئي، سيد زين شاھ،ارباب غلام رحيم ،ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا،عرفان الله مروت راحيلا مگسي حسنين مرزا سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي،اجلاس ۾ ٻه ڌار ڌار ڪميٽيون قائم ڪيون ويون ،ھڪ ڪميٽي سياسي جماعتن سان لاڳاپيل سياسي شخصيتن سان رابطا ڪري انھن کي جي ڊي اي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيندي جڏھن ته ٻي  ڪميٽي ھم خيال سياسي جماعتن سان مشاورت ڪري ايندڙ حڪمت عملي  جوڙيندي،اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ موجود سنڌ جي نمائندي نثار دراني ۽ سنڌ ۾ مقرر ڪيل آر اوز ۽ ڊي آر اوز تي عدم اعتماد جو اظھار ڪندي انھن کي بنا دير ھٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو ،اجلاس م چتاءُ ڏنو ويو ته نثار دراني  ۽ آر اوز ۽ ڊي آر اوز کي نه ھٽايو ويو ته جي ڊي اي ڀرپور احتجاجي تحريڪ ھلائيندي، اجلاس ۾ چيو ويو ته جيالن آر اوز ۽ ڊي آر اوز  ۽ نثار دراني جي ھوندي سنڌ ۾ صاف شفاف اليڪشن ٿيڻ ناممڪن آھي، اجلاس کي خطاب ڪندي جي ڊي اي جي سربراهه  پير   پاڳاري چيو ته سنڌ جي عوام کي ڪرپٽ مافيا کان آزاد ڪرائڻ لاءِ جي ڊي اي پنھنجو ڪردار ادا ڪندي،جي ڊي اي سنڌ جي عوام لاءِ متبادل پليٽ فارم آھي، هن چيو ته سنڌ جو عوام جي ڊي اي جا ھٿ مضبوط ڪري، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته چونڊن ۾ امڪاني ڌانڌلي کي روڪڻ لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا،اجلاس ۾ صوبي جي سمورن قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي اميدوار بيهارڻ جو به فيصلو ڪيو ويو،جڏھن ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي اھم سياسي شخصيتن سان ملاقاتون ڪري انھن کي جي ڊي اي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني ويندي. جڏهن ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس ۾ اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم ۽ راحيلا مگسي باضابطه شموليت ڪري ڇڏي، راجا هائوس تي ٻنهي اڳواڻن جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري سان ملاقات ڪري شموليت اختيار ڪئي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، راحيلا مگسي جو ٽنڊي الهيار سان تعلق آهي ۽ هو نواز ليگ جي سينيٽر رهي چڪي آهي، جڏهن ته ارباب غلام رحيم به جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان چونڊن ۾ باضابطه حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي.

  • شهريار شر پاران پيپلز پارٽي ڇڏڻ جي ترديد، وڊيو بيان جاري

ڪراچي ( م ڊ )  اڳوڻي ايم پي اي شهريار شر پيپلز پارٽي ڇڏڻ بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن جي ترديد ڪئي آهي، پنهنجي وڊيو بيان ۾  شهريار شر چيو ته مخالفن ايڊيٽ ٿيل وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي آهي، پ پ جو حصو آهيان ۽ رهندس. سندس چوڻ هو ته مخالف سازشون ڪرڻ بدران ميدان ۾ اچي مقابلو ڪن، مخالفن کي شڪست نظر اچي رهي آهي، ان ڪري ڪوڙيون خبرون ڦهلائين ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.