ڪراچي (رپورٽر) افغان پناهگيرن جي نيڪالي خلاف درخواست تي سول سوسائٽي جي وڪيل جا دليل مڪمل ٿي ويا، هاءِ ڪورٽ ۾ افغان پناهگيرن جي نيڪاليءَ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران شيما ڪرماڻي ۽ سول سوسائٽي جي وڪيل ساره ملڪاڻي درخواست ٻڌڻ جوڳي ھئڻ بابت دليل ڏنا، سارا ملڪاڻي عدالت کي ٻڌايو ته افغان شهرين جي بي دخلي خلاف درخواست سپريم ڪورٽ ۾ به داخل ڪئي وئي آهي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏيندي چيو ته جڏھن ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ آھي ته پوءِ اسان ان درخواست کي ڪيئن ٻڌي سگھون ٿا؟ وڪيل چيو ته اسان ان درخواست ۾ سنڌ جي صوبائي حڪومت کي ڌر بڻايو آهي، درخواستگذار جي وڪيل سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي بابت رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، عدالت رڪارڊ کي درخواست جو حصو بڻائيندي ٻڌڻي 19 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.