اليڪشن 2024 لاءِ ڊي آر اوز، آر اوز جي تربيت اڄ شروع ٿيندي

لاهور (م ڊ ) ملڪ ۾ عام چونڊون 2024ع لاءِ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرز ۽ رٽرننگ آفيسرن جي مقرري کان پوءِ انهن جي فوري  جامع تربيت اڄ کان شروع ٿيندي. اليڪشن ڪميشن پنجاب جي ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن ٽريننگ جا سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. اليڪشن ڪميشن جا سينيئر آفيسر سمورن ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرز ۽ رٽرننگ آفيسرن کي ٽريننگ ڏيندا. انهن آفيسرن کي چونڊ عمل، چونڊ قانون ۽ چونڊن بابت ٻين انتظامي معاملن تي ٽريننگ ڏني ويندي. 142 ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرز کي چئني صوبائي هيڊ ڪوارٽرز ۾ هلندڙ مهيني 16 ڊسمبر تي هڪ ڏينهن ٽريننگ ڏيڻ جو انتظام ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پنجاب جا 40، ڪي پي ڪي 36، بلوچستان جا 36 ۽ سنڌ جا 30 ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر شامل آهن. رٽرننگ آفيسرن کي ڊويزنل سطح تي ٻن ڏينهن واري چونڊ ٽريننگ ڏني ويندي جيڪا اڄ کان 15 ڊسمبر تائين جاري رهندي جنهن ۾ پنجاب جا 441، ڪي پي ڪي جا 160، سنڌ جا 191 ۽ بلوچستان جا 67 رٽرننگ آفيسر شامل آهن. مجموعي طور تي 859 رٽرننگ آفيسر تربيت حاصل ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.