ڊنل ماڻهو چونڊون ملتوي ڪرڻ جا افواهه پيا پکيڙين: سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته جيڪي ماڻهو خوف ۾ آهن اهي چونڊون ملتوي ڪرڻ جا افواهه پکيڙي  رهيا آهن.  امن امان جي قيام ۽ معيشت جي استحڪام لاءِ وقت تي صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ ضروري آهي، جمهوري ملڪن ۾ عالمي جنگين دوران به عوام کي ووٽ جي حق کان محروم نه رکيو ويو. منصوره ۾ مختلف ٽي وي چينلن ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ برفباري جو مطلب اهو ناهي ته ڪاروبار بند ٿي وڃي، هو نماز پڙهڻ لاءِ مسجدن ۾ وڃن ٿا، انشاءَ الله مقرر ڏينهن تي ووٽنگ جي عمل ۾ به حصو وٺندا.  هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن هڪ سيڪڙو کان به گهٽ ايراضي يا جبل تي برف پوي ٿي ته ڇا 99 سيڪڙو ماڻهن کي ان جمهوري حق کان محروم ڪيو وڃي، سراج الحق چيو ته جاگيرداري نظام، پوليس اسٽيشن پٽواري ڪلچر، سياسي پارٽين تي خاندانن جي اجاراداري سبب ملڪ ۾ جمهوري نظام مضبوط نه ٿي سگهيو آهي.  عدالتن ۾ انصاف ناهي، احتساب هڪ مذاق بڻجي ويو آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري عوام کي عذاب بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي هاڻي افسوس ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ اليڪشن ڊيوٽي لاءِ عدليه بدران ضلعي انتظاميا مان ماڻهو چونڊيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.