نواز شريف العزيزيا ريفرنس مان به آجو، سزا ختم

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيا اسٽيل ملز ريفرنس مان ن ليگ قائد نواز شريف کي آجو ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾  العزيزيا ريفرنس ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي ۽ فيصلو محفوظ ڪيو. عدالت العزيزيا ريفرنس واپس احتساب عدالت موڪلڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مختصر فيصلو ٻڌائيندي العزيزيا ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيل منظور ڪندي کيس ڪيس مان آجو ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس چيو ته واجد ضياءَ جيڪو نتيجو ڪڍيو، اهو ڪهڙن دستاويزن جي بنياد تي ڪڍيو ويو؟ اسان کي ڏيکاريو. ياد رهي ته 6 جولاءِ 2018 تي اسلام آباد جي احتساب عدالت نواز شريف کي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ 11 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. اسلام آباد جي احتساب عدالت 24 ڊسمبر 2018ع تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ 7 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.