اڄ جنرل (ر) باجوا ۽ فيض حميد ضرور شرمايو هوندو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) العزيزيه ريفرنس مان نواز شريف جي آزاديءَ جي خبر ٽي وي چينلن تي ڏسي سزا ڏياريندڙ ڪردارن ڇا  محسوس ڪيو هوندو.نامياري صحافي مطيع الله جان جو چوڻ آهي ته منهنجي خيال ۾ جنرل (ر) قمر جاويد باجوه ۽ جنرل (ر) فيض حميد خبر ٻڌي ضرور شرمايو هوندو، حد آهي ته نيب پراسڪيوٽر ڪو به ثبوت پيش نه ڪري سگهيو ان ڪري مرحوم جج ارشد ملڪ جي وڊيو به ثبوت طور عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي نوبت پيش نه آئي جيڪا وڊيو ناصر بٽ رڪارڊ ڪئي هئي ۽ نواز شريف جي وڪيلن وٽ موجود هئي. جنهن ۾ مرحوم جج ارشد ملڪ اعتراف ڪيو هو ته هن ان وقت جي چيف جسٽس ثاقب نثار جي چوڻ تي نواز شريف کي سزا ٻڌائي هئي. جنهن تي هن لنڊن پهچي نواز شريف کان معافي به ورتي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.