ڪراچي، پوليس مقابلي ۾ عورت مارجڻ جو واقعو، 4 اهلڪار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) نيو ڪراچي بلال ڪالوني ۾ پوليس مقابلي ۾ عورت مارجڻ جي واقعي ۾ 4 پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو،  پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته نيو ڪراچي بلال ڪالوني سيڪٽر فائيو ڊي ۾ موٽر سائيڪل سوار ٻه جوابدار شهري کان ڦرلٽ ڪري رهيا هئا ته گشت تي مقرر پوليس اهلڪار پهچي ويا، پوليس اهلڪارن کي ڏسندي ئي جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، اهلڪارن جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار زخمي ٿيو، پوليس ٻڌايو ته مقابلي دوران هڪ عورت مارج يوئي، جنهن جي سڃاڻپ حميده جي نالي سان ٿي، هوءَ پنهنجي مڙس سان گڏ ميڊيڪل اسٽور تي آئي هئي، مقابلي ۾ حصو وٺندڙ 4 پوليس اهلڪارن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، اهلڪارن جو تعلق شاهين فورس سان آهي، انهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته عورت جوابدارن جي يا وري پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي وئي اهو چوڻ وقت کان اڳ آهي. پوليس ٻڌايو ته واقعي بابت جاچ ڪئي ويندي ته عورت ڪنهن جي گولي جو نشانو بڻي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.