ايم ڊي ڪيٽ پيپر ليڪ ڪيس، شاگردياڻي جو عدالت سان رابطو

ڪراچي ( رپورٽر) ايم ڊي ڪيٽ پيپر ليڪ ڪيس، شاگردياڻي عدالت سان رابطو ڪري ورتو، عدالت شاگردياڻي انجلي جي درخواست تي ڊائو يونيورسٽي ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس 14 ڊسمبر تي مقرر ڪري ڇڏيو،  سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڊي ڪيٽ پيپر ليڪ ٿيڻ خلاف شاگردياڻي انجلي جي درخواست تي ڊائو يونيورسٽي ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت هن درخواست کي اڳ ۾ داخل ٿيل درخواست سان گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي درخواست جي  ٻڌڻي 14 ڊسمبر تي ڪري ڇڏي، درخواست گذار جو چوڻ ھو ته پھرين جناح يونيورسٽي ٽيسٽ ورتي، اتي پيپر ليڪ ٿيو، ان کان پوءِ ڊائو يونيورسٽي کي داخلا جو امتحان ڏيڻ جي ذميواري سونپي وئي، ر هڪ ڀيرو ٻيهر اتان به پيپر ليڪ ٿي ويو آهي، ڊائو يونيورسٽي جا جاري نتيجا معطل ڪيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.