پشاور(م ڊ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته افغانين جي ووٽن بابت جاچ ڪرائي وڃي. ان لاءِ چونڊن ۾ ڪجهه ڏينهن جي دير ٿي ته مسئلو ناهي . ڊيرا اسماعيل خان آپگهاتي حملي ۽ خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي موجوده صورتحال بابت جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هيڏي واقعي جي رياست کي خبر ئي نه ي يا رياست کي خبر ناهي. تنهن ڪري سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. آج نيوز جي پروگرام ”فيصلا آپ جو“ ۾ ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته هتي به تنظيمون آهن ۽ اهي به ڪافي عرصي کان ان صورتحال کي منهن ڏئي رهيون آهن. هن چيو ته ڊيرا اسماعيل خان، ٽانڪ، بنون ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ روزانو شهادتن جا واقعا ٿي رهيا آهن، عام شهرين سان گڏ رياستي ادارن جا اهلڪار به پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي رهيا آهن. باجوڙ سانحي ۾ فوتين جو انگ 80 ٿي ويو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته آصف زرداري هڪ ٻي ڳالهه جو اضافو ڪيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪيترائي غلط ووٽ رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن، جيڪڏهن افغان شهرين جا ووٽ رجسٽرڊ ڪيا ويا ته پوءِ اهو مسئلو بڻجي ويو آهي جنهن تي وڌيڪ جاچ جي ضرورت آهي. ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن انهن پرڏيهه مان اسان جا ووٽ داخل ڪيا آهن ته پوءِ انهن جو ازالو ڪيو وڃي.