نگران حڪومت ڪنهن به ڪمپني کي سنڌ جي زمين نه ڏني آهي: عمر سومرو

ڪراچي (رپورٽر) نگران وزير محمد احمد شاهه ۽ وزير عمر سومرو جو چوڻ آهي ته نگران سنڌ سرڪار واضع ڪري ڇڏيو آهي ته 8 فيبروري تي عام چونڊن لاءِ تياري مڪمل ڪئي وئي آهي، باقي سياسي پارٽيون ووٽرن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ نگران سرڪار تي الزام لڳائينديون آهن، عوامي خدمت کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي،  ڪينجهر ڍنڍ جي زمين قانون جي ابتڙ ڏيڻ واري عمل کي روڪيو ويو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات، اقليتي معاملن، سماجي تحفظ واري نگران وزير محمد احمد شاهه ۽ قانون، انساني حقن ۽ مذهبي معاملن واري نگران وزير عمر سومرو سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي  ڪيون. پريس ڪانفرنس ڪندي نگران صوبائي وزير عمر سومرو چيو ته مذهبي معاملن، اوقاف ۽ زڪوات کاتي پنهنجي انتظام هيٺ صوبي جي سمورن درگاهن ۾ عورتن جي نماز لاءِ جايون مختص ڪيون آهن. اوقاف جا اربين روپين جون ملڪيتون يا جايون جيڪي ڪرائي تي ڏنل آهن پر ان جو ڪرايو تمام گهٽ آهي انهن سڀني ڪراين ۽ اوقاف جي ليز تي ڏنل ملڪيتن جا ريٽ مارڪيٽ ريٽ مطابق ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته درگاهن ۾ عطين کي هڪ مخصوص اڪائونٽ ۾ رکڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. عمر سومرو چيو ته ڪينجهر ڍنڍ جي 6500 ايڪڙ زمين ريزارٽ لاءِ ليز تي ڏيڻ واري فائل کي ايم او يو سان ٽڪراءَ ۾ ڏٺو ويو ته ان کي روڪيو ويو. هن سمري ۾ ڪيترن ئي کاتن کي باءِ پاس ڪيو ويو هو. نگران سيٽ اپ ڪنهن به ڪمپني کي سنڌ ۾ زمين نه ڏني آهي. فاطمه ڦرڙو بابت سوال تي هن چيو ته بهتر هوندو ته اهو سوال نگران گهرو وزير کان پڇيو وڃي. نگران اطلاعات وارو وزير محمد احمد شاهه چيو ته نگران حڪومت جي 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن لاءِ تياريون مڪمل آهن. سياسي پارٽين جا سياسي بيان سياست جو حصو آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.