اسلام آباد/گوجرانوالا(م ڊ)بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي بابت ريفرنس عدليه لاءِ امتحان ۽ رت جا ڇنڊا صاف ڪرڻ جو موقعو به آهي، ريفرنس کي ٻڌڻ تي چيف جسٽس ۽ ٻين ججن جا ٿورائتا آهيون،بلاول ڀٽو زرداري سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته جج اسان کي اسان جا شهيد واپس ته نه ٿا ڏياري سگهن پر گهٽ ۾ گهٽ اهو فيصلو ته ڏين ته ڀٽو مظلوم هو،ڪجهه قوتون اڄ به نٿيون چاهين ته ڀٽو کي انصاف ملي، هن چيو ته فيصلو اهڙو هجڻ گهرجي جو آئنده ڪا به عدليه اهڙو ڪم نه ڪري، اڳوڻي آمريڪي پرڏيهي وزير هينري ڪسنجر شهيد ذوالفقار ڀٽو کي ڌمڪي ڏني هئي ته توهان کي مثال بڻائي ڇڏينداسين، اليڪشن جي تاريخ ۾ ڪا تبديلي نظر نه ٿي اچي، ائين ٿيو ته پوءِ ان خلاف آواز اٿاريندڙ پهريون شخص مان هوندس، هوڏانهن بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مون کي جيل يا نيب جي ڪابه پرواهه ناهي،مون کي عوام کي مسئلن مان ڪڍڻو آهي، 8 فيبروري تي اهڙو سرپرائز ڏينداسين جو رائيونڊ کي ياد رهندو گوجرانوالا ۾ پ پ جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀٽو ريفرنس جي ٻڌڻي تي عدالت جو شڪر گذار آهيان، اميد آهي ته انصاف ملندو. هن چيو ته ڪجهه پراڻا سياستدان آهن، جيڪي سمجهن ٿا ته طاقت جو سرچشمو ٻيو آهي، عوام اهڙن سياستدانن کي ڏيکاريندو ته هو پنهنجي پسند جي حڪومت ٺاهيندا. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته اسان کي نئين سياست ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته هو(نوازشريف) 3 ڀيرا وزيراعظم رهي چڪو آهي ۽ چوٿون ڀيرو ريموٽ ڪنٽرول ذريعي حڪومت هلائي چڪو آهي، هاڻي هو پنجون ڀيرو حڪومت ڪرڻ چاهي ٿو. بلاول ڀٽو چيو ته چيف جسٽس چيو هو ته 8 فيبروري 2024ع تي چونڊن جي تاريخ مقرر آهي، ان معاملي جي حوالي سان اڳوڻي صدر آصف زرداري جو بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته مان شڪر گذار آهيان ته عدالت مون کي موقعو ڏنو ته واضح ڪريان ته اسان جي پارٽي کي چيف جسٽس تي 100 سيڪڙو اعتماد آهي، هن چيو آهي ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون،ان تي ٻي ڪا به ڳالهه ناهي، هن چيو ته حڪومت ٺهي ته اسان مزدور ڪارڊ آڻينداسين، پورهيتن کي پينشن ۽ انهن جي ٻارن کي تعليم ڏينداسين، پ پ جو فلسفو آهي ته هاري خوشحال ته ملڪ خوشحال، حڪومت ٺاهي ته اشرافيه جي سبسڊي ختم ڪري هارين کي ڏيندس،يوٿ ڪارڊ ذريعي بيروزگار نوجوانن جي مالي مدد ڪنداسين،هن چيو ته نوازشريف مون کي ڇو ڪڍيو؟ مون کي ڇو ڪڍيو“ جي سياست ڪري رهيو آهي، هن کي حڪومت ۾ اچي ٻيهر وڙهڻو آهي ۽ ٻاهر اچي چوڻو آهي ته مون کي ڇو ڪڍيو؟هن چيو ته 2024ع ۾ نون سياستدانن سان سياست ڪرڻ گهرجي، 70 سالن جو شخص 70 سيڪڙو آبادي جي نمائندگي نٿو ڪري، ڪرڪيٽر عوام جي نمائندگي نٿو ڪري، جيڪو ٻين کي چور ٿو چوي ان تي چوري جو الزام لڳندو آهي،