ڪوئيٽا(م ڊ) تربت ۾ بالاچ بلوچ جي قتل ۽ جبري گمشدگين خلاف لانگ مارچ رنڊڪون ٽوڙي ڪوئيٽا پهچي ويو، جنهن ۾ عورتن جو به وڏو انگ شريڪ آهي. هزارين ماڻهن جو مارچ تربت کان ڪوئيٽا پهتو، رنڊڪن باوجود لانگ ماتچ ڪوئيٽا شهر ۾ داخل ٿي ويو. بلوچستان ۾ انساني حقن جي ڪم ڪندڙ حميده نور جو چوڻ آهي ته حڪومت جي بي حسي ۽ ماورائي آئيني قدمن ماڻهن کي روڊن تي اچڻ تي مجبور ڪيو آهي. هن ڊي ڊبليو سان ڳالهائيندي چيو ته ”بلوچ سوليڊريٽي ڪميٽي جي سڏ تي ٿيل هن احتجاج جي بنيادي پس منظر تي غور ڪرڻ تمام ضروري آهي، رياستي جبر ڪيتري وقت تائين برداشت ڪيو ويندو، گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي پنهنجن پيارن جي بازيابي لاءِ. جيڪڏهن هو پرامن احتجاج ڪري رهيا آهن ته اهو سندن آئيني حق آهي، حڪومتي ادارا قانون کان مٿانهون نه آهن، اڳوڻي فوجي آمر پرويز مشرف جي پاليسين جو تسلسل بلوچستان ۾ اڄ به جاري آهي. حميده نور چيو ته نظربند ماڻهن جي موت تي سماج جو هر فرد پريشان آهي ۽ ان ظلم ۽ بربريت سبب ماڻهو لانگ مارچ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. بلوچستان جي نگران سڌ سماءَ واري وزير جان اچڪزئي دعويٰ ڪئي آهي ته ڪوئيٽا جي ريڊ زون ۾ دهشتگردي جو خطرو آهي، ان ڪري لانگ مارچ جي شرڪت ڪندڙن کي اتي داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو آهي. ڪوئيٽا ۾ پريس بريفنگ دوران هن چيو ته حڪومت تربت لانگ مارچ جي شرڪت ڪندڙن جا اڪثر مطالبا پهريان ئي قبول ڪري ڇڏيا آهن. تربت واقعي ۾ ملوث سي ٽي ڊي جي 4 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي. مقامي انتظاميا به سرياب روڊ تي ڌرڻي جي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون. جهانزيب بلوچ چيو ته جيڪڏهن ڌرڻي وارن جا مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاج جو دائرو سڄي ملڪ تائين وڌايو ويندو.