ڊيرا اسماعيل خان ۾ فوجي چيڪ پوسٽ تي آپگهاتي حملو،23 جوان شهيد،27 دهشتگرد مارجي ويا

ڊيرا اسماعيل خان/راولپنڊي (م ڊ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي مختلف انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز دوران 27 دهشتگرد مارجي ويا آهن، جڏهن ته دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز جي چؤڪيءَ تي حملي جي ڪوشش ڪئي ۽ آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ عمارت ڪِرڻ سبب پاڪ فوج جا 23 جوان شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته ٻئي واقعي ۾ 2 جوانن شهادت ماڻي. آءِ ايس پي آر مطابق 11 ۽ 12 ڊسمبر جي وچ واري رات ڊيرا اسماعيل خان ضلعي ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 17 دهشتگرد مارجي ويا. ڪلاچي ۾ انٽيليجنس تي ٻَڌل هڪ ٻي آپريشن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان به شهيد ٿيا. مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين تي حملن ۾ ملوث هئا. ڪاررواين دوران هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. 12 ڊسمبر 23ع تي صبح سوير 6 دهشتگردن جي هڪ گروهه درابن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چؤڪيءَ تي حملو ڪيو. دهشتگرد چؤڪي ۾ داخل ٿيا ۽ بارود سان ڀريل گاڏي داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي روڪيو ويو ته هن آپگهاتي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ڌماڪي سبب عمارت ڪِري پئي، ان واقعي ۾ پاڪ فوج جا 23 جوان شهيد ٿي ويا. ٻي طرف وقائتي جوابي ڪارروائي ڪئي وئي جنهن ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ سيني ٽائيزيشن آپريشن جاري آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.پوليس مطابق بارودي مواد جي ڌماڪي سان عمارت کي شديد نقصان پهتو آهي. پوليس مطابق زخمين کي ڊيرا اسماعيل خان اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جن ۾ اڪثر جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي،بي بي سي موجب ٿاڻي سان گڏ اسڪول جي عمارت کي به ڌماڪي سان سخت نقصان پهتو آهي، ان حملي جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ جهاد پاڪستان قبول ڪئي آهي، سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ تنظيم جي ترجمان پاران چيو ويو ته اهو حملو مولوي حسن گنڊاپور ڪيو آهي جتي هن سان گڏ حملو ڪندڙ ٿاڻي اندر داخل ٿي ويا هئا،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.