جيڪب آباد ۾ ڀاڻ جي کوٽ ۽ زمينن جي والار خلاف مارچ، ڌرڻو

جيڪب آباد(رپورٽ: سڪندر علي سرڪي) ھيومن رائيٽس ۽ جي يو آءِ پاران ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ، سارين جي فصل تي ناجائز ڪٽوتي ۽ سنڌ جون زمينون  نيلام ڪرڻ خلاف ڀاڻ بازار کان مارچ ڪري پريس ڪلب  آڏو ڌرڻو هنيو ويو، ھيومن رائٽس جي چيئرمين ڊاڪٽر اي جي انصاري، جي يو آءِ صدر مولانا عبدالجبار رند، حاجي محمد عباس بلوچ، آبادگار چاڪر خان جکراڻي، محمد عارف بروهي، مير احمد بلوچ، مزدور اڳواڻ محمد صيفل گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن چيو ته سنڌ جي 54 ھزار ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي نيلام ڪرڻ سنڌ سان ويساهه گهاتي آھي، سنڌ جي زمينن کي آباد ڪرڻو آھي ته مقامي ھارين کي ڏئي سھولتون مھيا ڪري سرسبز ڪيو وڃي، ڀاڻ نه ملڻ ڪري زمينون تباھ ٿي رھيون آھن، حڪومتي نمائندا عياشين ۾ مصروف آھن ڀوتارن کي سرڪاري اگھه تي ڀاڻ ملي رھيو آھي پر غريب ھاري تڙپي رھيا آهن، جيڪڏھن سرڪاري اگھن تي ڀاڻ فراھم نه ڪيو ويو ته آبادگار، هاري ۽ پورهيت حڪمرانن جي رستا روڪ ڪرڻ تي مجبور  ٿي ويندو، هنن چيو ته ھٿرادو ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙن کي گرفتار ڪري قانون حوالي ڪيو وڃي.

  • سنڌ جي زمينن تي والار ۽ ڀاڻ اگهه ۾ واڌ خلاف سنڌي هاري تحريڪ جا مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان/پ ر) سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضن ۽ ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، سنڌ جي زمينن تي قبضن ۽ ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ خلاف  ٽنڊو باگو ۾ سوين ھارين شيل پئٽرول پمپ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو، سنڌ جي زمينن تي والار زرعي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ عرب شڪارين هٿان ناري جي ڳوٺاڻي جي قتل خلاف سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي شھدادپور ۽ جهڏو ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون،  شھدادپور ۾ ھالا چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر علي نواز ڏاھري، عوامي تحريڪ ضلع سانگھڙ جي صدر راڻو خان ڪنڍاڻي، رفيق جکرو، اشرف خاصخيلي، ڀاڳچند، ذوالفقار رند ڦوٽو لاشاري، عالم لغاري، سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي سانگهڙ جي آگنائيزر مختيار ڪنڍاڻي، نصيراحمد، عرفان علي بروھي ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي، جهڏو ۾ عوامي نگر پاڙو جهڏو کان پراڻي نيشنل بئنڪ چوڪ جهڏو تائين مرڪزي اڳواڻ اياز کوسو عوامي تحريڪ ضلعي صدر امير بخش جروار، سنڌي ھاري تحريڪ جي اڳواڻن، رحيم ڪلوئي، پرڀو ڪولهي، طالب جروار، سارنگ سولنڪي، حاجي علي نواز دلواڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلين ۽ ڌرڻن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي ھاري وٽ ھڪ ايڪڙ زمين به ڪونھي، ان جا ٻچا بکن تي آھن پر سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار انھن کي زمينون الاٽ ڪرڻ بدران جديد زراعت جي نالي ۾ عسڪري ادارن ۽ غيرملڪي سرمائيدارن جي حوالي پئي ڪري جيڪو عمل غير قانوني ۽ غير آئيني آھي، ڌارين ۽ ديسي ڀوتارن کان زميـنون واپس وٺي سنڌي بي زمين ھارين ۾ ورھايون وڃن، سنڌ ۾ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ڪري ھارين ۽ آبادگارن کي لٽيو ڦريو ۽ ڪنگال ڪيو پيو وڃي پر ڪٿي به انتظاميا نظر نٿي اچي، سنڌ جي زمينن تي والار خلاف سخت مزاحمت ڪنداسين.

  • ڀاڻ ذخيرو ڪندڙ مافياز خلاف ڪارروائي ڪنداسين: سرفراز بگٽي

اسلام آباد(م ڊ) توانائي واري نگران وفاقي وزير محمدعلي چيو آهي ته وفاقي حڪومت  يوريا ڀاڻ جي لوڪل سپلاءِ کي نظر ۾ رکندي هلندڙ سال يوريا ڀاڻ ٺاهيندڙ  ڪنهن به فرٽيلائيزر پلانٽ کي بند نه ڪرڻ ۽ گيس جي سپلاءِ جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سياري جي موسم دوران سمورا فرٽيلائيزر پلانٽس  پوري ڪيپسٽي سان هلندا. هن سڌ سماءَ ۽ گهرو معاملن بابت نگران وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻُڌايو ته سمورا پلانٽس جن ۾ فاطمه فرٽيلائيزر ۽ ايگري ٽيڪ پنهنجي مڪمل ڪيپسٽي تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ڊسمبر، جنوري، فيبروري، مارچ تائين اهڙي طرح ڪم ڪندا رهندا جنهن سان يوريا ڀاڻ جي لوڪل پروڊڪشن ڪافي مقدار ۾ ٿي ويندي هن چيو ته ڊسمبر لاءِ 2 جڏهن ته جنوريءَ لاءِ هڪ ايل اين جي ڪارگو گُهرايو آهي،گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو ته ذخيرو ڪندڙ مافيا جي ڪري ڀاڻ جا اگهه وڌيا آهن، ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي،سمورن چيف سيڪريٽرين ۽ آءِ جيز کي ڪارروائي لاءِ 24 ڪلاڪن جو وقت ڏنو آهي،  ان موقعي تي واپار واري وفاقي سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني ٻُڌايو ته ملڪ ۾ ڀاڻ جي ڪابه کوٽ ناهي، ڪجهه ذخيرا اندوز ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ڪري رهيا آهن جن جي خلاف حڪومت ٺوس قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پنجاب کي 3 لک 8 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا ڀاڻ فراهم ڪيو ويو . سنڌ کي ان جي طلب کان سوا چار لک وڌيڪ ڀاڻ جون ٻوريون مهيا ڪيون ويون آهن.

  • ڀاڻ جي ٿوري کوٽ آهي، مون وانگر ٻروچ به ڀاڙي ٿي پيا آهن: خورشيد شاهه

پنوعاقل(رپورٽ: رستم انڍڙ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاھ چيو آھي ته اسان جيڪي به ترقياتي ڪم ڪرايون ٿا ڪنھن تي احسان نٿا  ڪيون اھو اسانجو فرض آھي، جمھوريت دنيا ۾ ان ڪري مضبوط ٿي آھي جو ماڻھن جو طاقت حڪمراني ۾ شامل ھوندو آھي، اڄ جيڪڏهن مونکي خبر پئجي وڃي ته مان پنھنجي پاڻ ايم اين اي ٿي ويندس ته گھران ئي ڪونه نڪرندس، ھاڻ مونکي خبر آھي ته مون کي عوام سان رابطو رکڻو آھي، عوام سان رابطي ۾ ئي طاقت آھي، نئين تعمير ٿيل پل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي خورشيد ساهه چيو ته ڀٽو صاحب چوندو ھو مان پنھجي عوام کي مضبوط ڏسڻ چاھيان ٿو اڄ عوام مضبوط ۽ طاقتور آھي، جڏهن ته سيد خورشيد شاھ تقرير ۾ ڏاڏا ٻالا بابت ٽوٽڪو ٻڌائي ٻروچ کي ڀاڙي ڪوٺي ڇڏيو، ھن چيو ته ٻروچ قوم ھوندا آھن پر ھاڻي مون وانگر پڙھي پڙھي ڀاڙي ٿي ويا، ڪھاڙي ٻروچ وٽ ھوندي ھئي پر ھاڻ تعليم حاصل ڪري ڀاڙي ٿي ويا آھن، ڀاڻ جي ٿورڙي کوٽ آھي اھو به نگران حڪومت جي نااهلي جي ڪري ٿي آهي، پاڪستان ھاري ، مزدور ۽ نوجوان بچائيندو باقي سڀ ڪوڙ آھن، ، ذوالفقار ڀٽو جو قتل عدالتي قتل آھي اسان ڪيس ٻيھر وڙھڻ وڃون پيا، واحد پاڪستان جي عدليا ھئي جنھن ضياءُ الحق جي دٻاءُ ۾ اچي ھڪ قتل ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.