ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران حڪومت ڪراچي واٽر بورڊ کي صنعتي مقصدن لاءِ جَرَ جو پاڻي استعمال ڪرڻ لاءِ ميٽر لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڪراچي جي مختلف سائيٽس جي صنعتڪارن جي اجلاس جي صدارت ڪندي واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي آهي ته هو جَرَجي پاڻي ۽ ميٽرن کي ريگيولر ڪري کين ٽيرف اوڳاڙي وڃي. وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس ٿيو ۾ صوبائي وزير صنعت ۽ روينيو وزير يونس ڍاگا، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو، ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏهن ته صنعتڪارن ۾ زبير موتي والا، ميان زبير، جاويد بلواڻي، سليمان وساڻ چاولا، ڪامران عربيءَ، مجيد عزيز ۽ ٻيا شامل هئا. صنعتڪارن پاڻي جي کوٽ، شاپنگ سينٽرن ۾ باهه لڳڻ جا واقعا، ڄام صادق پل جي خراب صورتحال، اسلاميه ڪاليج ۾ فلائي اوور جي تعمير ۽ صنعتي يونٽن کي پاڻي ۽ قدرتي گئس جي فراهمي جهڙا مسئلا وڏي وزير آڏو اٿاريا. وڏي وزير صنعتڪارن سان هر مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ لاڳاپيل کاتي جي سيڪريٽري کان کين حل طلب ڪيو. وڏي وزير پاڻي جي کوٽ بابت ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه صنعتي يونٽ واٽر بورڊ جي لائينن مان سڌو سنئون پاڻي چوري ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته هي انتهائي سنگين مسئلو آهي تنهنڪري واٽر بورڊ سندن ڪنيڪشن ڪٽي ڇڏيا آهن ايم ڊي واٽر بورڊ صلاح الدين وڏي وزير کي ٻڌايو ته کين پاڻي جي ڪنيڪشن لاءِ 100 درخواستون مليون آهن ۽ نوان ڪنيڪشن ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته هر سائيٽ تي فائر فائٽنگ سسٽم ٺاهيو ويندو. ڪراچي چيمبر جي نمائندن نشاندهي ڪئي ته ايس بي سي اي پاران عائشه منزل تي سڙيل عمارت کي صاف ڪرايو ويو آهي پر تنهن هوندي به ڪاروباري سرگرمين لاءِ بند ڪيو ويو آهي. وڏي وزير مڪاني ادارن واري سيڪريٽري منظور شيخ کي معاملو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صنعتڪارن وڏي وزير کي چيو ته کين آر ايل اين جي نه پر سنڌ صوبي ۾ پيدا ٿيندڙ قدرتي گئس فراهم ڪئي وڃي. ان تي وڏي وزير چيو ته هو وزيراعظم کي خط لکندو ته جيئن سنڌ کي قدرتي گئس ۾ ان جو جائز حصو ڏنو وڃي. صنعتڪارن جو چوڻ هو ته مهراڻ هاءِ وي جي حالت خراب آهي. وڏي وزير چيئرمين پي اينڊ ڊي کي هدايت ڪئي ته هو اسڪيم جو جائزو وٺي ۽ جيڪڏهن اڃا تائين ان تي ڪم نه ٿيو آهي ته ان کي شروع ڪيو وڃي.