ڪراچي جي واپارين جي وزيراعظم سان ملاقات، چونڊون نه ڪرائڻ جو مطالبو

ڪراچي(م ڊ)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جي اڳواڻي ۾ ڪراچي جي صنعتڪارن ملڪ جي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ صنعتن کي گيس جي فراهمي ،صنعتن تي لاڳو مختلف ٽيڪسن جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد ۾ زبير موتي والا، مقصود اسماعيل، محمد علي طبا، جاويد بلواني، ريحان چاولا ۽ ٻيا شامل هئا،ذريعن مطابق وزيراعظم جي ڪراچي دوري  دوران هڪ واپاري نگران وزيراعظم کان عام چونڊون نه ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو هو، وفد ۾ شام واپاري چيو ته اسان جا جذبا ٻين اسٽيڪ هولڊرز تائين به پهچايو، واپاري جي مطالبي تي وزيراعظم واضح ڪيو ته مان آئين تي عمل ڪندس،ذريعن ٻڌايو ته وڌيڪ واپارين پاران اليڪشن نه ڪرائڻ جي مطالبي جي ڳالهه درست ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.