رائو انوار جي انٽرويو اسان جي ڳالهھ کي سچ ثابت ڪري ڇڏيو:زين شاهه

ڪراچي (پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه رائو انوار پاران مقامي ٽي وي تي  ڏنل بيان تي ردعمل ۾ چيو آهي ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪيترن ئي سالن کان مسلسل چوندي رهي آهي ته آصف زرداري جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪرپشن ڪري رهي آهي سسٽم جي نالي تي ڦرلٽ، زمينن ۽ پلاٽن تي قبضي ۽ اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي، اڄ اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جي انٽرويو اسان جي ڳالهھ کي سچ ثابت ڪري ڇڏيو آهي،  سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي مطالبو ڪري ٿي ته پيپلز پارٽي جي 15 سالن جي سنڌ حڪومت جو رڪارڊ ضبط ڪيو وڃي، نيب جي ھڪ مضبوط جي آءِ ٽي جوڙي وڃي جيڪا پيپلز پارٽي جي اربين رپين جي ڪرپشن، مخالفن کي قتل ڪرڻ، بلاول هائوس جي آس پاس ماڻهن جي بنگلن تي جبري قبضا ڪرڻ، ملير، ٺٽي، ڄامشوري ۽ ڀرپاسي جي زمينن جي رڪارڊ ۾ ڪيل جعلسازي جي انڪوائري ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.