ڪراچي ( رپورٽر) جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس ٿيڻ باوجود کنڀي گم ڪيل شھري آزاد نه ٿيا، مغوين جون امڙيون عدالت ۾ روئنديون رھيون، پوليس جي رويي تي شڪايتون، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان پيش رفت رپورٽ طلب ڪري ورتي، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته معاذ احمد ۽ طلحه احمد جناح ايئرپورٽ تان، محمد علي پاڪستان بازار مان ۽ محمد طحه سپر مارڪيٽ مان گم ٿي ويا آھن، جنھن جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيتريون جي آءِ ٽيز ٿي چڪيون آھن ۽ گم ٿيل ماڻهن جو اڃا تائين پتو ڇو ناھي پيو؟ جاچ آفيسر ٻڌايو ته 37 جي آءِ ٽيز ۽ 15 صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس ٿي چڪا آهن، گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ مڪمل ڪوششون ڪيون پيون وڃن، گم ٿيل شهري جي امڙ جو چوڻ هو ته م پٽ جنيد احمد 9 سالن کان نيو ڪراچي مان گم آهي، هن جو پتو ناهي پيو، ٻي عورت ٻڌايو ته پٽ محمد طحه جنهن کي سي ٽي ڊي پوليس سپرمارڪيٽ مان گرفتار ڪري ورتو آهي، هن جو ڪو ڏوهه آهي ته کيس عدالت آڏو آندو وڃي.