نارو (رپورٽ: عاشق حسين سهتو) ناري تعلقي جي قادن واري ٿاڻي جي حد ۾گذريل ڏينهن سعودي عرب کان تلور جي شڪار لاءِ آيل عرب شھزادي جي تيز رفتار گاڏيءَ جي ٽڪر سبب مڱريا برادريءَ جو هڪ نوجوان ٿڏي تي فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو هو، فوتي نوجوان جي خاندان کي انصاف نه ملي سگهيو پر آٿت ڏيڻ بدران رياستي مشينري ۽ عربن جا ٻانهن ٻيلي علائقي جا بااثر ڏکايل خاندان مٿان دٻاءُ وڌائيندي معاملي کي لئه مٽي ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن، نارو تعلقي جي قادن واري ٿاڻي جي حد ۾ گذريل ڏينهن مڱريا برادري جي ٻن موٽرسائيڪل سوارن مٿان سعودي عرب کان تلور جي شڪار لاءِ آيل عرب شھزادي جي تيز رفتار گاڏي چڙھي وئي هئي، نوجوان سرور پٽ امير بخش ٿڏي تي فوت ٿي ويو هو ۽ ان سان گڏ ٻيو نو جوان بهرام پٽ ماڻيٺو مڱريو سخت زخمي ٿي پيو هو ۽ ان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رورل هيلٿ سينٽر چونڊڪو آندو ويو هو ۽ ان کي اتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور ريفر ڪيو ويو هو جنهن جي طبيعت هن ٽائيم به ڪا خاص بهتر نه ٿي سگهي، متاثرن سان هن وقت تائين انصاف نه ٿي سگهيو پر رياستي مشينري ۽ علائقي جا بااثر عرب شھزادن جا ٻانهن ٻيلي حق ته نه ڏياري سگهيا پر انهن مٿان دٻاءُ وڌائي معاملي کي لئه مٽي ڪرڻ ۾ مصروف عمل بڻيل آهن، ان سلسلي ۾ علائقي جي سوشل ۽ ساڃاھ وندن ۾ گهري ڏک ۽ افسوس سان گڏوگڏ رياست ۾ قائم نگران حڪومت کان گهر ۽ اپيل ڪئي اٿن ته خدارا ٿر واسي ڏکايل خاندان مسڪين ماروئڙن سان انصاف ڪري ڏوهي ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، نه ته ٻي صورت ۾ پوري سنڌ اندر احتجاج جي دائري کي وڌايو ويندو ته جيئين ڏکايل خاندان سان انصاف ٿي سگهي.