ڪمزور حڪمرانن جا فوج سان ويجها لاڳاپا هوندا آهن: زلفي بخاري

لنڊن ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ويجهي دوست زلفي بخاري چيو آهي ته ڪجهه مغربي ملڪ پاڪستان ۾ ڪمزور حڪمران چاهين ٿا پر سندس پارٽي موجوده عام چونڊن ۾ ضرور حصو وٺندي. لنڊن ۾ بي بي سي اردو کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته اسان تي ظلم ٿي رهيو آهي. اسان کي خبر آهي ته ڌانڌلي ٿي رهي آهي. پر يقين آهي ته اسان اليڪشن کٽينداسين. زلفي بخاري موجب اسان هن وقت پاڪستان ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي حقن جي ڀڃڪڙين بابت دنيا جي ٽن وڏن ماهرن جي مدد سان عالمي معيار جو هڪ  دستاويز تيار ڪري رهيا آهيون، جيڪو تمام جلد جاري ڪيو ويندو. زلفي بخاري چيو ته پارٽي رڪارڊ موجب پي ٽي آءِ جون 208 عورتون مختلف الزامن تحت جيل ۾ آهن. زلفي بخاري چيو ته مريم صفدر کي ڪڏهن به اغوا نه ڪيو ويو، نه ئي ڪو تشدد ٿيو، فريال ٽالپر تي به ڪو تشدد نه . ذلفي بخاري چيو ته آرمي چيف جڏهن ڊي جي آءِ ايس آءِ هو ته منهنجا ساڻس سٺا لاڳاپا هئا، کيس ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عهدي تان هٽايو ويو ۽ پوءِ جڏهن هو چيف ٿيڻ وارو هو ته خان صاحب سندس چونڊ ۾ ڪا به رڪاوٽ نه وجهي هئي. پنهنجي ڳالهه جي وضاحت ڪندي زلفي بخاري چيو ته ان واقعي ۾ اڄ به ڪيترائي تازا هوندا. پر عمران خان بابت موجوده چيف آف اسٽاف جي دل ۾ جيڪا غلط فهمي آهي، ان جو سبب سندس ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عهدي تان بدلي به ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.