تاجل بيوس سنڌ جي ثقافتي سونهن جو شاعر

تحرير: رکيل مورائي

تاجل بيوس جو وڇڙڻ سنڌي شاعريءَ لاءِ هڪ اپسوڻ آهي، هُن جي هلئي وڃڻ سان سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعراڻي ٻوليءَ جو هڪ جديد شاعر سنڌ کان ۽ سنڌي شاعريءَ کان موڪلائي ويو. ساڳئي وقت سنڌي ڪلاسيڪي صنفن، بيت، وائي ۽ ڪافيءَ جو هڪ بيمثال تخليقڪار اسان وٽان هليو ويو. تاجل بيوس سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکندڙ شاعر هُئو. اڄ جي جديد شاعريءَ ۾ هُن سنڌ جون اصلي صنفون بيت، وائي ۽ ڪافيءَ کي نئين زندگي ۽ تازگي ڏيڻ جي هڪ ڊگهي ڪوشش ڪئي ان ڪوشش ۾ هن جو ڪامياب وڃڻ يا نه اِهو هڪ الڳ بحث آهي، پوءِ به هن مٿين صنفن کي اهڙي تازگي ڏني جنهن کان مٿيون صنفون گهڻو عرصو وانجهيل رهيون يا نظرانداز ڪيون ويون.

اڄ جڏهن مان تاجل بيوس صاحب بابت لکڻ لڳو آهيان تڏهن محسوس ڪيو اٿم ته تاجل بيوس صاحب انهن ٿورن شاعرن مان هڪ آهي، جن تي گهڻو لکيو ويو آهي، جڏهن ان گهڻي لکڻ کي سنجيدگيءَ سان پڙهڻ چاهيو اٿم ته اها ڳالهه منهنجي آڏو چِٽي ٿي پئي آهي ته تاجل بيوس صاحب انهن گهڻن مان آهي جن تي بنهه ٿورو لکيو ويو آهي ۽ اهو ٿورو ئي رهجي ويو آهي جيڪو گهڻو ٿيڻ کپندو هو معياري حوالي ۾.

تاجل بيوس صاحب بنيادي طور صوفي مزاج رکندڙ هڪ اهڙو شخص هو، جنهن کي ڳوٺاڻو روح عطا ٿيل هئو ۽ سندس خمير ۾ سچل سرمست جي مٽيءَ جي خوشبوءِ ڳوهيل هئي، جنهن ڪري هو پنهنجي شاعريءَ ۾ سدائين سچل سائينءَ کي ويجهو رهيو. ان جا ڪيترائي پڻ سبب آهن.

هڪ ته هو سچل جي نگريءَ ڀرسان سوڀي ديري لڳ جنهن ڳوٺ ۾ ڄائو، نپنو ۽ وڌيو ويجهيو، ان ۾ هڪ درگاهه پير حيات شاهه جيلاني هئي، جنهن تي هر مهيني راڳ ويراڳ هلندو رهندو هو، جنهن ۾ تاجل سائين ننڍي عمر ۾ ئي ويندو رهندو هو. پڪ سان سندس ذهن تي انهن صوفياڻين راڳ ويراڳ جي محفلن جو اثر پيل هئو، جيڪو سندس ذهن تي آخر تائين برقرار رهيو. ان کان اڳ سندس امڙ پڻ صوفي مزاج رکندڙ خاتون هئي، جنهن جي پالنا جو اثر به سندس شخصيت ۾ شامل رهيو، اڳتي هلي جنهن شخص سان سندس پهريون تعلق جڙيو، اهو استاد الهندو خان جتوئي، پڻ صوفي مزاج رکندڙ، شاهه لطيف، سچل سرمست، غالب ۽ اقبال وغيره جي شاعريءَ کان واقف هو جنهن جو اثر پڻ سندس شعوري عمر تي چِٽو نظر آيو. شعوري عمر ۾ سندس تعلق ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جهڙي عالم شاعر سان جڙيو، جنهن کانپوءِ شمشير الحيدريءَ سان سندس ويجهڙائي ٿي. جنهن ڪري سندس لاڙو سنڌي ادب ڏانهن ٿيو.

ايئن هو شعوري ۽ ادبي طور اڳتي آيو، پر جيئن ته ننڍپڻ ئي راڳ ويراڳ جي محفلن ۾ سندس وڃڻ ٿيندو هو. ان ڪري موسيقي سندس روح ۾ رچي ويئي هئي. جنهن سبب هو پهرين عمر ۾ اهڙي ئي شاعري ڪندو هو، جنهن کي آسانيءَ سان ڳايو وڃي. سندس ان عمل سندس شاعريءَ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. جيئن ته هو موسيقيءَ جي معرفت شاعريءَ ڏانهن آيل هو، ان ڪري سندس سموري شاعريءَ ۾ ٻڌڻ واري حِس جي تسڪين وڌيڪ ٿيندي هئي، هُن جي شاعري سنڌيءَ جي لڳ ڀڳ سڀني وڏن راڳين بيحد سهڻي نموني ڳائي آهي. اڄ به سندس ڳايل شاعري ٻڌجي ٿي ته ان ۾ سڄي سنڌ جو صوفياڻو مزاج ۽ واڌو سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي سونهن اکين اڳيان تري ايندي آهي.

جڏهن سندس تعلق ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان جڙيو ته هو ادب ڏانهن لڙي آيو. ايئن سندس شاعريءَ ۾ اهم تبديلي آئي ۽ هو هڪ سنڌي فڪر رکندڙ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ڪُک مان جديد شاعر ٿي اڀريو. جيتوڻيڪ هُن پنهنجي شاعريءَ لاءِ صنف توڙي ٻوليءَ جي چونڊ ۾ ڪلاسيڪل صنف ۽ ٻوليءَ کي وڌيڪ پسند ڪيو. پر ان سڀ کي جديد شعرن سان واسڻو هئو، جيڪو ڪم کانئُس رهجي ويو، هو سڀ ڪجهه ڪلاسيقي ادب/شاعريءَ کي سمجهي ويٺو ائين هُن انهيءَ ٻوليءَ کي نئين سونهن ۽ نئون شعور ڏيڻ جي بجاءِ سڀ ڪجهه ان کي سمجهيو اتي اُهو وسارڻ ڏکيو آهي تاجل بيوس صاحب ان ڪلاسيڪيت کي جديد هجڻ جي اڻ لَکي روشني پڻ ڏني. ائين سنڌي ادب ۾ هو هڪ نهايت سنڌپرست ليکڪ طورآخري گهڙي تائين رهيو. هو سنڌ جو اهڙو عاشق شاعر هو، جنهن ۾ شخصي طور به ۽ ادبي طور به، سموري سنڌ جي سونهن نظر ايندي هئي.

سندس پهريون ڪتاب ”جڏهن ڀونءِ بڻي“ جڏهن ڇپيو ته ادبي حلقن ۾ ان جي چڱي آجيان ڪئي وئي ۽ سگا پاران ان سال جي آيل ڪتابن ۾ ديوان طالب الموليٰ ۽ شيخ اياز جي ڪتاب پتڻ ٿو پور ڪري جي ڀيٽ ۾ کيس جڏهن ڀونءِ بڻي تي انعام ڏنو ويو جنهن کيس گهڻو اتساهه ڏنو ۽ هن نهايت تيزيءَ سان لکڻ شروع ڪيو. جيڪو لکڻ جي حد تائين ته ڪامياب رهيو پر جديد دور جي انهن تقاضائن جن جي ان مان پڙهندڙن تلاش پئي چاهي اهو کين آخر تائين نه ملي سگهيو، پوءِ به ان ڪتاب پنهنجا تيور ڏيکاريا جن ڊگهو سفر ڪيو ۽ فقط ڪتابن جي انگ وڌڻ جو احساس چٽو نه پر سندس شاعريءَ ۾ ثقافت جي سونهن جلويدار نموني اُڀري بيٺي. ساڳئي وقت سندس ڪتاب پڻ تيزي سان ڇپجڻ لڳا، ڏسندي ڏسندي سندس ٽن درجنن کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿيا.

شاعريءَ کانسواءِ هن نثر ۾ به لکڻ شروع ڪيو، جنهن جا پڻ درجن کن ڪتاب سنڌي ادب جو حصو بڻيا. جيڪي اڄ تائين ڪنهن ڪامياب تنقيدي اڀياس هيٺ اچي نه سگهيا آهن. اِهو نه رڳو سائين تاجل جو شاعراڻو الميو ليکبو پر سموري سنڌي شاعراڻي ادب جو الميو ليکبو جيڪو اڄ جي تاريخ تائين ڪنهن اعليٰ تنقيدي اڀياس لاءِ واجهائي رهيو آهي.

تاجل سائين هونئن ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ڏانهن سفر ڪيا، ڪجهه سرڪاري ۽ ڪجهه غير سرڪاري. پر هُن فقط انڊيا جي سفرن جا سفرناما لکيا، جن جو انگ چار آهي. جن جو پڻ ڪن نقادن کي جائزو وٺڻ گهرجي. آخري ڏينهن ۾ هن چئين جلدن ۾ پنهنجي آتم ڪٿا (ڏک سُکن جي سونهن) پڻ لکڻ شروع ڪئي، جنهن جا ٽي جلد سندس زندگيءَ ۾ شايع ٿيا. ايئن سندس جيئري توڙي وفات کانپوءِ کيس بابت به چڱو ئي لکيو ويو آهي، جيئن مون مٿي ڄاڻايو آهي، خاص طور انڊيا جي اديبن مان ڊاڪٽر جڳديش جو لکيل اهم ڪتاب ”ڏور به اوڏا سپرين“ آهي جيڪو شاهه لطيف، اياز ۽ تاجل سائين بابت آهي. جيڪو هڪ ناٽڪ اسڪرپٽ آهي، تازو ئي هند جي هڪ ٻئي اديب هولا رام هنس ”عظيم شاعر تاجل بيوس“ نالي سان پڻ هڪ ڪتاب لکيو آهي، جيڪو نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران شايع ڪيو ويو آهي.

تاجل سائين پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين لکندو رهيو ۽ سنڌ سان عشق ڪندو رهيو. اڄ هو ادبي طور اسان سان پنهنجي ڪتابن وسيلي گڏ آهي، جيڪو ڪڏهن به جدا ٿيڻو نه آهي. سندس ڪتاب سنڌي شاعراڻي توڻي نثراڻي ادب جي ميراث جو حصو آهي مان سندس شاعريءَ جو هڪ اهم ڪتاب سنڌي شاعريءَ جي واڌ ۾ سگهارو ليکيان ٿو، ساڳئي وقت فني، فڪري توڻي ثقافتي ۽ زرعي سماج جي سونهن طور ٿوري گهڻي گهٽ وڌائي سميت نج ڪتاب سمجهان ٿو اهو ڪتاب آهي ”سرجيندڙ ساڻيهه جا“. هي ڪتاب سندس هڪ الڳ سڃاڻپ کڻي ايندڙ ڪتاب آهي، جيڪو گمان سندس پهرئين ڪتاب ”جڏهن ڀونءِ بڻي“ کڻي آيو هئو، اهو گمان پڪ ۾ بدلائڻ جو سهرو سرجيندڙ ساڻيهه جا ڪتاب تي آهي جنهن ۾ مختلف پورهين جو شاعراڻي انداز ۾ ذڪر ڪيل آهي. هونئن سندس نياڻين جو انگ ست آهي ۽ سندس ڪتابن جو انگ انهن کان پنجوڻ تي آهي، جن سڀني ۾ سنڌ جي ثقافتي سونهن، ثقافتي ٻولي ۽ زرعي سماج جي سونهن ڀرپور نموني اظهاريل آهي، مثال طور:

سج ڪئي تخليق

سرنهن جي ڦولار ۾

روشنين جي ليڪ.

يا

”هتي اُٺُ هشاءِ، هي پڻ ماڻهو ماڳ جا“ (جڏهن ڀونءِ بڻي)

سندس ڪتاب پڙهڻ انهن سڀني پڙهندڙن جي ذميواري آهي، جيڪي سنڌ جي ثقافتي سونهن کي شاعراڻي ادب ۾ ماڻڻ چاهن ٿا، هن ليک ۾ شعرن جو انگ ڏيئي ليک کي وڌائڻ جي ذميواري پنهنجي ڪلهن تي کڻڻ جو ساهس نٿو رکان ڪجهه ذميواري انهن پڙهندڙن جي به آهي جيڪي ڪتاب خريد ڪن ٿا ۽ انهن کي پڙهڻ جو شوق پورو ڪن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.