اسٽيل مل انتظاميا جا ڪلور!

تحرير: شيخ محمد هاشم

اسلامي ۽ دنياوي درس جي ابتڙ انسانيت  جي دشمن پاڪستان اسٽيل ملز انتظاميھ ۽ان جي حوارين، ذاتي مفادن، اقربا پروري، ملازمن سان زيادتيءَ  ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ جو جيڪو مثال قائم ڪيو آھي اھو ڪنهن به اداري ۾ نٿو ملي،

معيشت جي ڪرنگھي جي ھڏي  اسٽيل انڊسٽري،صنعت جي ماءُ  ناس ٿيڻ واري حد تائين پھچائڻ ، ملازمن جون پگھارون  ڪيترن ئي سالن کان روڪي رکڻ،حصي جي  بقايا رقم روڪي رکڻ، گلشن حديد فيز 3 ۾ ملازمن جي پلاٽن تي قبضا ڪرائڻ، اسٽيل مل ۾ چوري. اسٽيل ٽائون جي گهرن حاصل ڪرڻ  لاءِ  رشوت وٺڻ ۽ چورين ڪرائڻ جهڙن سنگين ڏوهن ۾ ملوث هئڻ سان گڏوگڏ،

هاڻي تھ انتظاميا ۽ ان جا ماڻھو  الله جي عذاب کي دعوت ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، چورن کي سزا نھ ڏني وڃي يا انھن جا ھٿ نھ وڍيا وڃن انھن جي حوصلو شڪني بجاءِ حوصلھ افزائي ڪئي  وڃي ته اهي وحشي ڌاڙيل بڻجي وڃن ٿا، حرام ۽  خون انھن جي وات کي لڳي وڃي ٿو.ھاڻي اسٽيل مل جي انتظاميھ پاران اسٽيل مل ۽ اسٽيل مل ٽائون جي مسجدن جي امان ۽ موذنن سان بھ زيادتي ڪئي وڃي ٿي.

هڪ طرف رھمت العالمين پياري نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن امامن ۽ مؤذنن جي رتبي کي  اعليٰ  ۽ اشرف فرمائي رھيو آھي  تھ ٻئي پاسي اڄ جا فرعون (پاڪستان اسٽيل انتظاميھ ) اسٽيل مل ۽ اسٽيل ٽائون جي انتظاميھ جي مسجدن جي امان ۽ موذنن جي گھرن جا چلھا ٿڌا ڪري ڇڏيا آهن، ھنن جو ڪانٽريڪٽ  ٽن مهينن کان  ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٽن مھينن کان پگھارون روڪي ڇڏيون آھن، جڏهن ته قلف لڳل ۽ زبون حال ادارن ۾ ڳري پگھارن ۽ رعايتن جي عيوض پنھنجي عزيزن ۽ مائٽن کي ڪانٽريڪٽ تي رکڻ جو رواج اڃا تائين جاري آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.