گذريل ڇھن سالن ۾ اٽڪل 400 سئو ھندستاني شاگرد پرڏيھي تعليم حاصل ڪرڻ دوران موت جو شڪار ٿيا آھن،ھڪ لحاظ سان اھو انگ خاصو وڏو آھي تھ وري ٻئي پاسي ھندستان سرڪار ان کي اھم غيرمعمولي انگ نٿي سمجھي نھ رڳو ايترو پر حڪومت وٽ انھن شاگردن جي موت بابت ڪي بھ مناسب جواب موجود نھ آھن.
حڪومت فقط اھو چئي ٿي تھ اھي موت حادثاتي آھن. حڪومتي وزير تھ سمجھي ٿو تھ اھو معاملو ايوان ۾ اٿارڻ جوڳو بھ نھ آھي. سموري معاملي جي ٿيل رپورٽنگ بعد اھو شڪ ٿئي ٿو تھ ڪا ڳالھھ آھي جيڪا لڪائي پئي وڃي پر ان جي ڪو بھ بنياد اڃان تائين سامھون نھ اچي سگھيو آھي.
ڇهن سالن ۾ 400 کان وڌيڪ هندستاني شاگردن جو ٻاهرين ملڪن ۾ موت ٿيو آھي.اھي هندستاني شاگرد ٻاهرين ملڪن ۾ پڙهائي لاءِ ويل ھئا.ھنن جو موت مختلف سببن جي ڪري ٿيو آھي.بھرحال اھو وڏو انگ آھن ۽ يقيني طور ڳڻتي واري ڳالھھ بھ آھي.
مودي حڪومت هندستاني پارليامينٽ کي ٻڌايو ته ڪئناڊا ۾ سڀ کان وڌيڪ شاگرد فوت ٿيا آھن جن جو تعداد 91 آهي.هندستاني پرڏيهي معاملن واري وزارت ۾ رياستي وزير وي مرليڌرن هندستاني پارليامينٽ کي ٻڌايو ته 403 هندستاني شاگردن جو 2018 کان وٺي ھن وقت تائين موت ٿي چڪو آھي. قدرتي سببن ۽ حادثن سميت ان جا مختلف سبب آھن.
مرليڌرن اپوزيشن پارٽي ميمبر جي هڪ سوال جي لکت ۾ ڏنل جواب ۾ ٻڌايو ته گذريل ڇهن سالن دوران 34 ملڪن ۾ پڙهندڙ هندستاني شاگردن ۾ سڀ کان وڌيڪ موت ڪئناڊا ۾ ٿيا. ان کانپوءِ وڌ ۾ وڌ شاگرد برطانيا ۾ موت جو شڪار ٿيا آھن.
جڏهن ته ساڳئي عرصي دوران برطانيا ۾ 48، آمريڪا ۾ 36، آسٽريليا ۾ 35، يوڪرين ۾ 21، جرمني ۾ 20، قبرص ۾ 14 ۽ اٽلي ۽ فلپائن ۾ 10 شاگرد فوت ٿي ويا.
پارليامينٽ جي هڪ ميمبر حڪومت کان پرڏيهه ۾ پڙهندڙ شاگردن جي موت ۽ انهن جي سببن بابت سوال ڪيو ۽ اهو به ڄاڻڻ چاهيو ته ڀارتي حڪومت ٻاهرين ملڪن ۾ پڙهندڙ هندستاني شاگردن جي حفاظت ۽ سار سنڀال لاءِ ڪهڙا قدم کڻي رهي آهي؟حڪومتي وزير جو جواب ھو تھ ٻاهرين ملڪن ۾ رھندڙ شاگردن جي حفاظت ۽ سلامتي حڪومت جي اوليتن مان هڪ آهي.
هن ٻڌايو ته جڏهن ڪو اوچتو حادثو ٿئي ٿو ته لاڳاپيل ڀارتي اختياري ترت ئي ميزبان ملڪ جي لاڳاپيل اختياري سان رابطو ڪري حادثي جي مناسب جاچ ۽ ذميوارن کي سزا ڏيارڻ کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. ۽ هندستاني سفارتخانن ۽ مشنن جا سربراهه ۽ عملدار باقاعدگي سان ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جو دورو ڪندا آهن ۽ اتي پڙهندڙ هندستاني شاگردن سان ڳالهه ٻولهه بھ ڪندا آهن.
جڏهن ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان کان پڇيو ويو ته ايتري وڏي انگ ۾ پرڏيهي شاگردن جي موت جو سبب ڇا آهي، هن چيو ته ڀارتي شاگرد وڏي تعداد ۾ پرڏيهه ۾ پڙهڻ لاءِ وڃن ٿا.ميڊيا سان ڳالهائيندي، پرڏيهي معاملن واري وزارت جي ترجمان اريندم باغچي چيو ته "مان نه ٿو سمجهان ته هي ڪو اهڙو مسئلو آهي جنهن کي حڪومتي سطح تي کڻڻ جي ضرورت آهي، ها، ڪجهه انفرادي واقعا ٿيا آهن جيڪي غلط هئا . اسان جي قونصل خانا متاثر شاگردن جي خاندانن سان رابطو ڪن ٿا ۽ اسان مقامي اختيارين آڏو اهڙا ڪيس پڻ اٿاريون ٿا.