لاهور (پ ر) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته اسٽيٽس ڪو ٽوڙڻ لاءِ نوجوانن جو شعور ۽ جدوجهد ضروري آهي، شاگرد يونين تي پابندي آمريت جو فيصلو هو. مسلم ليگ (ن)، پ پ ۽ پي ٽي آءِ يونين بحاليءَ جو واعدو پورو نه ڪيو آهي، کين خدشو آهي ته يونين بحال ٿيڻ سان نوجوانن ۾ سياسي شعور پيدا ٿيندو، اچھره ۾ اسلامي جمعيت طلبه پاڪستان جي هيڊ آفيس ۾ ايجوڪيشن ريفرنڊم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن اعلان ڪيو ته جماعت اسلامي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ شاگرد يونين کي فوري طور تي بحال ڪندي ۽ تعليمي بجيٽ ۾ 7 سيڪڙو اضافو ڪندي. هن چيو ته اڄ غريب شاگردن لاءِ تعليم جو خرچ برداشت ڪرڻ ناممڪن بڻجي ويو آهي،