پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊ: اليڪشن ڪميشن کي حتمي فيصلي کان منع

پشاور(م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن خلاف داخل درخواست تي اليڪشن ڪميشن کي حتمي  فيصلي کان روڪي ڇڏيو ۽ ان کان جواب طلب ڪندي ڪيس جي ٻُڌڻي 19 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ايس ايم عتيق شاهه ۽ جسٽس شڪيل احمد تي ٻَڌل 2 رڪني بينچ پي ٽي آءِ طرفان داخل درخواست جي ٻُڌڻي ڪئي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي، قاضي محمد انور، شاهه فيصل اتمان خيل، محمد نعمان ڪاڪاخيل سميت ٻيا وڪيل عدالت آڏو پيش ٿيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.