سنڌ کي سرداري نظام مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ چاهيون ٿا: اياز لطيف

ڪراچي(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته  ڪراچي جي وري دنيا جو خوبصورت ۽ پرامن شھر بنائڻو آھي. سنڌ جي ترقي لاءِ اڻ برابري  ۽ ڪرپشن ختم ڪرڻي هوندي،سنڌ جا ماڻھو علم ۽ ترقي چاھين ٿا، انھن تي ٻيھر نئون تجربو نه ڪيو وڃي. ھن اظھار ڪراچي يونيورسٽي ۾ يوٿ ڪانفرنس کي مھمان خاص طور خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته  اردو، پنجابي، پشتون، سرائيڪي ۽ بلوچ اسان جا ڀائر آھن، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ميرٽ کي قتل ڪري لکين روپيا وٺي نوڪريون وڪرو ڪيون ويون ۽ انٽري ٽيسٽ ذريعي ميڊيڪل جون سيٽون نيلام ڪيون ويون. اياز لطيف پليجي چيو ته  نگران حڪومت پيپلز پارٽي حڪومت جو تسلسل آھي.ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته  پيپلز پارٽي جي غلط پاليسين جي ڪري سنڌ ۾ بي پناھ غربت وڌي، پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ اڳوڻن وزيرن، مشيرن ۽ زرداري ٽولي سنڌ مان اربين روپيا لٽي دبئي، لنڊن ۽ ٻين ملڪن ڏانھن منتقل ڪري پنھنجي بي پناھ دولت ٺاھي آهي.  سنڌ جي وسيلن تي پھريون حق سنڌ جي ماڻھن جو آھي، هن چيو ته  سنڌ جي لٽيل ھڪ ھڪ روپئي جو حساب سنڌي ۽ اردو ڳالھائيندڙ پورھيت وٺندا، پاڪستان جي ھڪ نئين اقتصادي، آئيني ۽ سماجي چارٽر جي ضرورت آھي. سنڌ جا مزدور بيروزگار ۽ انھن جا ٻار تعليم کان محروم آھن. سنڌ کي سرداري نظام ۽ وڏيرا شاھي مان نجات ڏيارڻي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.