ڪراچي سيف سٽي رٿا ۾ خريداري لاءِ فني ڪميٽي قائم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول  aباقر جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ بابت فيصلائتو اجلاس ٿيو جنهن ۾ هن مختلف ڊيوائسز ۽ سافٽ ويئر جي اگهن کي ريشنلائيز ڪرڻ ۽ ٽيڪس جي ادائگي سان مشروط ڪرڻ واري منصوبي جي اصولي منظوري ڏيندي چيو ته آئون چاهيان ٿو ته دير جو باعث بڻيل عوامي منصوبن تي ڪم جلد شروع ٿئي پر عوام جي پئسي جي شفافيت کي يقيني بڻائڻ پڻ منهنجي ذميواري آهي تنهنڪري NRTC کي گهرجي ته مون کي ۽ منهنجي ٽيم کي ڪاٿو اگهن بابت مطمئن ڪري. وڏي وزير گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ جي سربراهي ۾ هڪ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا منصوبي جي سامان کي مارڪيٽ جي اگهن موجب جائزو وٺي ڀيٽ ڪندي. وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن اين آر ٽي سي ڄاڻايل قيمتن تي راضي نه ٿي ته صوبائي حڪومت دير جو سبب بڻيل شهري ڪمن جهڙوڪ نيڪال جي نالن تعمير، آپٽيڪل فائبر وڇائڻ، پولز لڳائڻ ۽ سينٽرل بلڊنگ جي تعمير وغيره کي ترجيح ڏيندي ته جيئن تاخيري منصوبن کي اڳتي وڌائي سگهجي. ڊي جي سيف سٽيز اٿارٽي آصف اعجاز شيخ وڏي وزير کي منصوبي جي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني. پروجيڪٽ جو آغاز جولاءِ 2016 ۾ ڪيو ويو وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ اڳ ۾ ئي دير جو شڪار آهي ۽ ڊالر جي اگهن جي تبديلي سبب منصوبي جي لاڳت ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.