ايس بي سي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جو شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گلبرگ ٽائون سينٽرل ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران ڊپٽي  ڊائريڪٽر ايس بي سي اي گلبرگ سينٽرل پيش ٿي اعتراف ڪيو ته عدالتي حڪمن باوجود اڃا تائين سائيٽ جو معائنو نه ڪيو ويو آهي، ايندڙ ٻڌڻي تي انسپيڪشن ڪري رپورٽ پيش ڪئي ويندي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيستائين عامر ڪمال جعفري عدالتي حڪم تي عمل نه ٿو ڪري، شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪيو وڃي، عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، واضح رهي ته غير قانوني اڏاوتن خلاف درخواست شهري محمد شاهد داخل ڪئي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.