خيرپور:ٻن نوجوانن کي پوليس مقابلي ۾ مارڻ جو معاملو مشڪوڪ،بااثر تي قتل جو الزام

خيرپور(رپورٽ :مختيار ڦلپوٽو)7 ڏينهن اڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد الله آباد ڪالوني ڀرسان لاشاري هوٽل وٽ ٿيل پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو دوران مارجي ويل ٻن ڏوهارين وارو معاملو ڊرامو نڪري پيو ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بي سيڪشن پوليس 7 ڏينهن اڳ ڪوڙو مقابلو حريف الله ولد عبدالغني پنهور ويٺل مدئجي لڳ ڳوٺ پليجا واسي ۽ لالو  عرف ذيشان کوکر پٽ ارشد کوکو ويٺل مدئجي جن کي پوليس پڪڙيو ۽ کين بااثر جي چوڻ تي گوليون هڻي هاف فراءِ ڪيو پر بااثر جوابدار پوليس کان هٿيار (جي ٿري مشين) کسي غيرت جي نالي تي ٻنهي جو جوانن کي منهن ۾ گوليون هڻي کين ماري ڇڏيو بعد ۾ پوليس سان ڊيل ڪري کين وڏي رشوت ڏني ۽ پوليس چيو ته اسان مقابلو ڪري ٻنهي نوجوانن کي ماريو آهي ڇو جو ٻئي نوجوان ڏوھ جي ارادي سان آيل هئا ۽ اسان پوليس سان مقابلو ڪيائون ۽ هو مارجي ويا.هوڏانهن ٻنهي فوتين جي وارثن صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته  اسان جا نوجوان هڪ بااثر قتل ڪيا آهن ۽ پوليس کي شرم اچڻ گھرجي جو پئسن جي لاءِ پاڻ مٿان الزام هنيو آهي ته اسان مقابلو ڪري ٻنهي نوجوانن کي ماريو آهي.هوڏانهن واقعو اکين سامهون ڏسندڙ شاهدن پنهنجا نالا ظاهر نه ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته مارجي ويل نوجوانن جو ڪوبه پوليس سان مقابلو نه ٿيو هڪ بااثر نوجوانن کي پوليس کان ٻڌرايو هيو ۽ نوجوانن کي لٺين سان روڊ تي ماري رهي هئي هڪ نوجوان ڀڄي ڪيلن جي باغ ۾ لڪيو پر جوابدار پوليس کان سرڪاري جي ٿري مشين کسي ٻنھي نوجوانن کي منھن ۾ گوليون ھنيون ۽ جوابدار کين گاريون پڻ ڏيندو رھيو نوجوان جي وارثن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته انڪوائري ڪرائي وڃي  ۽ اسان جي بيگناھ نوجوانن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.