سنڌ جي زمينن تي قبضن ۽ ڀاڻ کوٽ خلاف سنڌي هاري تحريڪ جو احتجاج

مورو (پ ر) زرعي انقلاب ۽ جوائينٽ وينچر فارمنگ سميت مختلف منصوبن جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي ٿيندڙ قبضن، سرڪاري سرپرستي ۾ ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ، پاڻي تي ڌاڙن ۽ ٻين هاري دشمن، پورهيت دشمن، سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن منصوبن خلاف سنڌي هاري تحريڪ طرفان مورو پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئي وئي. جنهن جي اڳواڻي سنڌي هاري تحريڪ جي اڳواڻ فريد ڪلهوڙو، گل ڀنگر، قادر ڪورائي، صديق عالماڻي، اڪبر سنگراسي، فقير محمد عالماڻي، سيد محمد علي شاه، مشهود عالماڻي، صدام حسين ڪلهوڙو ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته هڪڙي پاسي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين عسڪري ادارن ذريعي عرب ملڪن جي سرمائيدارن جي حوالي ڪئي پئي وڃي ته ٻي طرف سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن. پراڻا ڌاڙيل واه ڪينال بند ڪرڻ بدران وري نوان ڌاڙيل ڪينال اڏي سنڌ کي سڪايو پيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته سرڪاري زمينون عسڪري ادارن يا عرب سرمائيدارن بدران سنڌ جي بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.